چين ۾ مدعو ڪيل چند اڳواڻن ۾ شامل ٿيڻ اعزاز جي ڳالهه آهي: وزيراعظم

چين ۾ مدعو ڪيل چند اڳواڻن ۾ شامل ٿيڻ اعزاز جي ڳالهه آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته چين ۾ سي پيڪ ڪانگريس کانپوءِ مدعو ڪيل چند اڳواڻن ۾ شامل ٿيڻ اعزاز جي ڳالهه آهي.اها ڳالهه وزيراعظم شهباز شريف چين جي دوري کان اڳ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چئي آهي.هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اڄ بيجنگ روانو ٿي رهيو آهيان، اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، پاڪستان ۽ چين دوست ۽ ڀائيوار طور بيٺا آهن.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چيني قيادت سان ڳالهين ۾ اهم شعبن خاص طور سي پيڪ تي ڌيان ڏنو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان عوام جو معيار زندگي بهتر ٿيندو، سي پيڪ جو ٻيو مرحلو سماجي ۽ معاشي ترقي جي نئين دور جي شروعات آهي.وزيراعظم شهباز شريف به چيو آهي ته چين جي اقتصادي ترقي مان گهڻو ڪجهه سکي سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو