ڇا ته شخص هو!

ڇا ته شخص هو!

.۽ جڏهن عبدالواحد آريسر ۽ جمن دربدر کي بس جو ڪرايو نه هئڻ ڪري ڪنڊيڪٽر گاريون ۽ ٿيلها ڏئي لاهي ڇڏيو…..!!!
هڪ ڀيري عثمان بجير وارن نندي شھر تعلقو بدين ۾ لطيف جو ڏهاڙي ملهائڻ جو سٽاء سٽيو، جيڪا صدارت آريسر کي ڪرڻي هئي، سو اسان ٻئي گڏجي پروگرام ۾ پهتاسين ۔تقريرون ٿيون ،ٻئي ڏينهن اسان کي وڏا وڳڻ وڃڻو هو ، آئون ۽ آريسر صبح جو سوير اٿياسين ته جيئن اتي مهل سان پڄون. اسان لاريء ۾ چڙھياسين، حڪمت عمليء تحت هو اڳيان ويٺو آء پٺينء سيٽ تي وڃي ويٺس ،بس نندي کان هلي ٻه ٽي ميل پنڌ ڪيائين ته ڪنڊيڪٽر مون وٽ آيو ڀاڙو وٺڻ مون اشاري سان چيس ته اڳيان همراھ ويٺو آھي اهو ڀاڙو ڏيندو ڪنڊيڪٽر ويو آريسر وٽ،هن کان ڀاڙو گهريائين ته آريسر چيس ته بابا پوئتي همراھ ويٺو آھي، اهو ڀاڙو ڏيندو. وري آيو مون وٽ تيز ۽ رکي لهجي ۾ چيائين؛ ´يار ڪرايو ڏيو ، تنهنجو همراھ چوي ٿو ته تو کان وٺان`. مون چيو ´هن ڪونه ڏنو ڇا؟ چيائين ´نه` مون مسڪرائيندي چيو ته´ٻيلي ڀاڙو ته مون وٽ به ڪونهي.` اسان جي ايتري ڳالھ ٻولھ ٿي ، همراھ باھ ٿي ويو۔ڪجھ ڪڇيو ڪونه رڳو بس کي زور سان ڌڪ هڻي روڪيائين ،
ا´سان ٻنهي کي هڪ اڌ گار ڏئي ڌڪا ڏئي لاريءمان لاٿائين`
طريقي ڪار طئي اهو هو ته رات جتي پروگرام ڪيوسين ، اتان کان ٻئي هنڌ رسڻ جو ڀاڙو انهن کي ڏيڻو هو. پر رات سڄي ڪم ڪار ڪرڻ جي ڪري ڪي ويچارا ٿڪجي پيا، جو کين ياد ئي نه رهيو ۽ سمهي پيا اسان به هڪٻئي جي آسري نڪتا هليا آياسين۔مون سمجهيو ته آريسر کي پيسا مليا هوندا،هن سمجهو ته مون ورتا هوندا.
هاڻي اسين ٻئي پيادا هلندا رهياسين،ميل کن پنڌ ڪيو هوندوسين ته اڳيان شھناء جو آواز منهنجي ڪنن ۾ گونجيو ٿورو اڳتي وڌياسين ته رستي جي ڀر ۾ شاميانا لڳا پيا هئا، مون آريسر کي چيو؛ ٻيلي! سنڌي ماڻھن جي شادي آھي، صبح جي مهل آھي، ٻه ٽي سهرا ڳائينداسين ته ٻه ٽي روپيا ٺھي پوندا، بدين جيترو ڀاڙو ٺھي پوندو. بدين پهچنداسين ته اڳتي جي لاء سنگت پاڻ ڀاڙي جو بلو ڪري وٺندي، ´آريسر جا پويان پير؛ ´چوي ڇڏ يار! بس پنڌ ٿا هلون` پر مون زوريء درويش کي آماده ڪيو ۽ شاميانن ڏانهن لاهي ويومانس ، ڇني ۾ داخل ٿياسين ته سامهون گهوٽ موڙ ٻڌيون ويٺا هئا، تازو نڪاح پڙھجي چڪو هو. راڄ جا فقير ڳائيندا گهور وٺندا ٿي ويا. اسان به اچي هٿ ٻڌا ۽ عرض ڪيو ته بابا ٿر جا فقير آھيون، ٻه ڪلا ڳائڻ جي اجازت گهرجي، لاڙ جا ماڻھو ،راڳ شوق سان ۽ جام ٻڌندا آھن،پر ماڻھن چيو ته´ سڄي رات ڳائڻن اسان جو مٿو کاڌو آھي، وري اوهان اچي نڪتا آھيو، اسان چين ته ٻيلي اسين هينئر پڳا آھيون سو مڙئي مهر ڪريو، همراهن جو راڳ ٻڌڻ جو موڊ ته ڪونه هو، پر وچ مان ڪنهن کي ڪهل پئي جو چيائين ته اڙي! ڇڏيو ويچارن کي ته ٻه ڪلام ڳائن ،الائي ويچارا ڪٿان هليا آھن، اجازت ملي وئي مون فقيرن کي منٿ ڪئي ته ٿورو باجو وڃايو ۽ مون ڳائڻ شروع ڪيوته:
هن اڳڻ تي مور لڳي وئي بهاري،
ميندي ادل جي ميهڙ مان گهرايان،
اسان کي ٽي روپيا گهور پئي مون ڏٺو ته ڀاڙو ته اسان جو نڪري آيو پر سامهون ٽي گهوٽ ويٺل هئا، انهن جي ڀر ۾ نوجوان ڇوڪرا پڙھيل لکيل ٿي لڳا، مچلو ڪيون ويٺا هئا، سوچيم ڀاڙي جو ڪم ته ٿي ويو ڇونه هاڻ ڪجھ قومي ڪم به ڪجي سو مون سهرن بجاء ٻيو ڪلام شيخ اياز جو ڳائڻ شروع ڪيو۔
“ساري شھر وسايا پٿر جن سان چڪنا چور هيو،
پوء به هن ٿي نعرا ماريا، مڙس ته ڪو منصور هيو.”
مارشل لا جو ڇتو دؤر هو سو سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ڪو ڳائڻو قومي گيت ڳائيندو ئي ڪونه هو، ڇوڪرن ويچارن ڪو سڄي رات پئي ڳائڻن کي فرمائشون ڪيون، پر ڪنهن به سندن فرمائش پوري نه ڪئي هجي، مون جو اهو غزل ڳاتو ته ڇوڪرا مستي مان اٿي پيا، اچي جهمريون وڌائون ، جو بس ئي نه ڪن، ڪلام پورو ٿيو ته چيائون ته بابا ٻيو ڪلام ياد آ؟ مون چيو ها، وري نياز همايونيء جو ڪلام ڳايوسين، وء ته فرمائش مٿان ٻي فرمائش ، کوڙ سارا ڪلام ڳاتاسين، گهور به جام ٿي، آئون ڳايان ويٺو ۽ آريسر ٻٽ ٻڌي پيسا ميڙڻ تي آخر ۾ ڳڻياسون ته اسان کي ٻارهن سؤ روپيا پيا، ڳڻي اڳتي روانا ٿياسين۔
هڪڙو نوجوان اسان جي پويان پويان آيو ،جنهن جي هٿن ۾ آريسر جو رسالو ، ´پيغام` ان رسالي جي پٺيان آريسر جي تصوير به هئي، هن کي شڪ پيو ته هي ڳائڻا ڪونه آهن،منهن جي ڀر ۾ اچي مونکان هوريان پڇيائين ته ادا اوهان ڪير آھيو، مون چيو ادا´اسين ٿر جا فقير آهيون. آء مائي ڀاڳيء جي ڪڙم منجهان آهيان ۽ هي مراد فقير جي خاندان مان آھي، پر همراھ مطمئن نه ٿيو، چوڻ لڳو´ نه لڳي ٿو ته اوهين فقير نه آھيو، هي همراھ ته پڪ سان آريسر آھي مون کيس چيو، ´ٻيلي معاف ڪج، آھي برابر آريسر پر ڀاڙي ۾ کٽا آھيون، قومي ڪم سان نڪتل آھيون، سو ڪنهن کان گهرڻ کان ڀلو آھي ته فن مان ڪمائي اڳتي وڌون، ان ڪري هتي آياسون،´ڇوڪرن ويچارن اسان کي سڃاتو، ڏاڍي عزت ڏنائو، اسان کي اوطاق تي وٺي ويا، سٺي نموني سان کارايائون ۽ اسان کي اتان کان بدين ڇڏي آيا.
بدين کان پوء اسان وڏا وڳڻ تائين يڪي گاڏي بڪ ڪرائي، هونئن ڀاڙو ڪونه هو جو لاري واري واٽ تي ئي لاهي ڇڏيو هو، پر هاڻ ٻن چئن ڪلامن ڳائڻ جي ڪري ايترا پئسا ساڻ هئا جو پئسن جي ڳڻتي نه رهي هئي رڳو وقت بچائڻ جو الڪو هو۔وڃي منزل تي پهتاسين.
حوالو: وٺي هر هر جنم وربو(آتم ڪٿا) ليکڪ جمن دربدر، صفحو 121.
استاد خالد جي ٿورن سان

پهنجو تبصرو موڪليو