ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نوبل امن انعام ماڻيندڙ ملاله يوسفزئي 12 آڪٽوبر تي پاڪستان پهچندي. 25 ورهين جي ملالا يوسفزئي پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندي.سڪيورٽي ذريعن موجب سنڌ جي گهرو کاتي ملالا يوسفزئي جي سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ پوليس اسپيشل يونٽ ان حوالي سان قدم کڻي رهيو آهي.ملالا يوسفزئي پرڏيهه مان ڪراچي پهچندي، جتان سڪيورٽي انتظامن هيٺ دادو ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندي.ملالا يوسفزئي پاران ملالا فنڊ ذريعي ٻوڏ متاثرن جي مدد جو امڪان آهي، ملالا جي پاڪستان آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪرڻ لاءِ ايس او پيز جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.










