بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي طرفان ھٿرادو ڪٽ ڏيڻ برسات ۽ سيلابي ٻوڏ جي متاثرن جي واھر نه ڪرڻ جي خلاف ڊي سي چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس بدين جي اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو ھن موقعي تي ڪارڪنن انتظاميا جي ظلم زيادتين جي خلاف سخت نعري بازي ڪئي ھن موقعي تي عوامي جمھوري پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري خادم ٽالپر ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر امير آزاد پنهور ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ شاھنواز سيال قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رشيد گوپانگ ۽ بين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ڪٽ ھڻي بدين ضلع ۾ ھٿرادي ٻوڏ آڻي ماڻھن کي ٻوڙي ماري وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري کي مضبوط ڪري جھالت ۽ بيماريون پيدا ڪري رھي آھي ھنن چيو ته موسميات کاتي طرفان اڳواٽ اطلاع باوجود سنڌ حڪومت ٻوڏ کان بچاء لاء جوڳا قدم نه کڻڻ قوم جي مٿان حملي جي برابر آھي جنھن ڪري ھڪ ھزار کان وڌيڪ ماڻھو مري ويا آھن ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ سنڌي ماڻھو پنھنجن اباڻن ڪکن کان محروم ٿيا آھن 29 لک ايڪڙن کان وڌيڪ فصل جيڪي 350 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ٿئي ٿو تباھ ٿيو آھي 10 لک ڍور مري ويا آھن ٿلھي ليکي 16 ارب ڊالرن کان وڌيڪ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو نقصان ٿيو آھي جنھن جا ذميوار سنڌ جا حڪمران آھن جيڪي ھن خوفناڪ جرم جي ازالي لاء ڪجھ نٿا ڪن ھنن مطالبو ڪيو ته ڪئمپن ۾ موجود ماڻھن جي پرگھور لڌي وڃي کين ڪراچي حيدرآباد جي ڀرپاسي ۾ اجھا ڏنا وڃن فوتين کي في ڪس 20 لک معاوضو ڏنو وڃي ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪري ھارين ء آبادگارن کي معاوضو ڏنو وڃي تباھ ٿيل اسڪولن جي شاگردن کي متبادل تدريسي عمل جو بندوبست ڪيو وڃي برساتي پاڻي جي نيڪال جا قدرتي لنگھ بناھ ڪنھن امتياز جي بحال ڪري سم نالن جا بند فورن مضبوط ڪيا وڃن










