آڊيو ليڪ، عمران خان  ۽ سندس وزيرن خلاف ڪاروائي جو فيصلو

آڊيو ليڪ، عمران خان ۽ سندس وزيرن خلاف ڪاروائي جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا آڊيو ليڪس جي معاملي تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف قانوني ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وفاقي ڪابينا 30 سيپٽمبر تي عمران خان جي سائفر آڊيو ليڪ تي ڪابينا ڪميٽي جوڙي هئي، ڪابينا ڪميٽي پهرين آڪٽوبر جي اجلاس ۾ قانوني ڪارروائي جي سفارش ڪئي هئي.ڪابينا ڪميٽي جون سفارشون سمري جي صورت ۾ ڪابينا آڏو پيش ڪيون ويون، جنهن جي منظوري ڏني وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا عمران خان جي دور جي وزيرن ۽ اڳوڻي سيڪريٽري اعظم خان خلاف قانوني ڪارروائي جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن ذريعي ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڊپلوميٽڪ سائفر سان لاڳاپيل آڊيو ليڪ جي جاچ ڪئي ويندي.سائفر جي جاچ ايف آئي کان ڪرائي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو