راولپنڊي (ڊيسڪ رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آھي تھ پاڪ فوج جون سموريون فارميشنز هر قسم جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رهن. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ڪانفرنس ۾ ٻوڏ متاثرن جي امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ ھو تھ دهشتگرديءَ کي ڪنهن به صورت ۾ ٻيهر ڪر کڻڻ نه ڏينداسين. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس طرفان ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي جو . اظهارڪندي سندن مدد جاري رکڻ جو عزم ورجايو ويو۽ آرمي فارميشنز کي ٻوڏ متاثرن جي جلد بحالي جي هدايت ڪئي وئي. ياد رهي ته پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان سان اسٽيبلشمينٽ جي ڳالهين، سندن اهم شدت پسند آزاد ٿيڻ بعد ان تنظيم تي خيبر پختونخواهه ۾ ڀٽو اڳاڙڻ، پوليس اهلڪارن ۽ امن ڪميٽي جي ميمبرن تي حملن ۾ ملوث هئڻ جو الزام لڳندو رهيو آهي. سوات ۽ ٻين علائقن ۾ وڏي پيماني تي عوام امن تباهه ٿيڻ ۽ طالبان جي ٻيهر منظم ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا به ڪيا هئا ۽ رياست کان تحفظ جو مطالبو ڪيو هو. اهڙي تناظر ۾ دهشتگردي کي اسرڻ نه ڏيڻ جو بيان اهم آهي.










