خان ۾ همت آهي ته مسٽر ايڪس ۽ واءِ جا نالا ٻڌائي: مريم نواز

خان ۾ همت آهي ته مسٽر ايڪس ۽ واءِ جا نالا ٻڌائي: مريم نواز

اسلام آباد)بيورو) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان ۾ همت آهي ته مسٽر ايڪس ۽ مسٽر واءِ جو نالو کڻي، عمران خان کي خراب لڳو آهي ته سندس پارٽي جا ڪجهه ماڻهو اسٽيبلشمينٽ سان رابطن ۾ آهن مريم نواز چيو ته ڪالهه جيڪو ڪالز ڪرائي رهيو هو، اُهو اڄ چئي ٿو ته سندس ماڻهن کي ڪالز اينديون آهن نون ليگ جي نائب صدر پي ٽي آءِ سربراهه تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته امريڪي خط جي سازش کان شروع ٿيل ڳالهه آرمي چيف جي مقرريءَ تي ختم ٿي وئي هن چيو ته اسان کي به ڪالز اينديون هيون، پر اسان ثبوت پيش ڪيا، عمران خان جي ذهني حالت خراب ٿي وئي آهي مريم نواز چيو ته عمران خان کي مذهبي ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي، هو اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، جيڪي گستاخي جي زمري ۾ اچن ٿيون

پهنجو تبصرو موڪليو