سکر (ن سنڌيار) سنڌ جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سنڌ ۾ وڏي وزير جي تبديلي وارين ڳالهين کي بي بنياد ۽ سازشي پروپيگنڊا قرارڏيندي چيوت ه مرادعلي شآهه ئي وڏو وزير رهندو ۽ اهو سٺي نموني ڪم ڪري رهيو آهي مان به سندس ٽيم جو حصو آهيان جيڪڏهن هو فيل آهي ته پوءِ مان فيل آهيان ته پوءِ منهنجو نالو ڪيئن وڏ وزارت لاءِ ايندو اهرنخ يالن جوا ظهار هن سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو ان موقعي تي پي پي سکر سٽي جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪتر ارشد مغل پي پي سٽي سکر جو ترجمان چوڌري اظهر حسنين ۽ ٻيا موجود هئا ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٻوڏ ۽ برسات سان تباهه ٿيل انفرااسٽريڪچر کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ رڳو ڪراچي جي انفرااسٽريڪچر کي بحال ڪرڻ لاءِ اڍائي ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهنت ه سکر ضلعي ۾ ڪم شروع به ڪيو ويو آهي ڇو ته جتان جتان پاڻي نڪري رهيو آهي اتي اسان ري هيبليٽيشن جو ڪم شروع ڪري رهيا آهيون ٻوڏ ۽ برسات جي آفت سان سڄي سنڌ متاثر ٿي آهي پهريان رسڪيو جو ڪم ڪيو هاڻي حڪومت رليف جو ڪم شروع ڪيو آهي جڏهن ته ڪنهن ڪنهن ضلعي ۾ پاڻي هجڻ جي باوجود ريسڪيو جو ڪم به هلي رهيو آهي سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ نيشنل هاءِ وي جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي مهراڻ هاءِ وي جو حصو متاثر آهي ان جي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ دوائن جي هٿرادو کوٽ تي ڪارروائي ڪري رهيا آهيون متاثرن لاءِ دوائون فراهم ڪرڻ لاءِ وڏي وزير خاص هدايتون جاري ڪيون آهن سندس چوڻ هو ته عمران خان شين کي تڪراري بنائڻ جو ماهر آهي هو آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون ڪري رهيو آهي اهي کيس نٿيون سونهن هو پنهنجي حد ۾ رهي ڳالهائي هو اقتدار کان ٻاهر هاڻي وائڙو ٿي ويو آهي سندس چوڻ هو ته پرڏيهي امداد کي غلط پروپيگنڊا ڪري روڪڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي هن تي پي ٽي آئي وارنک ي شرم اچڻ گهرجي پر کين اهي ڳالهيون ڇڏي ٻوڏ متاثرن جي امداد ۾ اسان جو هٿ ونڊائڻ گهرجي سندس چوڻهو ته ايڊ منسٽريٽر جا اختيار ڊي سيز کي ڏيڻ جو مقصد متاثرن جي هڪ ئي هنڌ مدد ڪرڻ آهي هنچ يو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4000 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ تي خبر نه آهي شيخ رشيد کي ڇا اعتراض آهي حڪومت پاران 4 هزار رپيا مڻ قيمت مقرر ڪرڻ جو مقصد هارين کي ڪڻڪ پوکڻ ڏانهن راغب ڪرڻ آهي ته جيئن اسان وٽ هتي ڪو بحران پيدا نه ٿئي اسان پنهنجن هارين کي جيڪڏهن فائدو نه پهچايون ته پوءِ ڇا ڀارت جي هارين کي فائدو پهچائينداسين هن چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سان اهي سفيد پوش ماڻهو به متاثر ٿيا آهن جيڪي ڪنهن جي اڳيان هٿ ناهن ٽنگيندا انهن لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وڌايو پيو وڃي ته جيئن انهن ماڻهن تائين به هي امداد پهچي سگهي.










