دادو (ن سنڌيار) پاڪستان آرمي، رينجرز ۽ سول ادارن تڪڙي ڪارروائي ڪندي دادو گرڊ اسٽيشن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو تفصيل مطابق پاڪ فوج پاران ٻوڏ ۾ امدادي ڪارروائين جو سلسلو هلندڙ آهي پاڪ فوج پاران سول انتظاميه، رينجرز ۽ مقامي ماڻهن جي مدد سان بند ٺاهيو ويو 36 ڪلاڪ لڳاتار ڪم ڪرڻ کان پوءِ 2.4 ڪلوميٽر ڊگهي بند کي جنگي بنيادن تي ٺاهيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ دادو گرڊ اسٽيشن ٻڏڻ کان بچي وئي ۽ علائقي جي بجلي به بند نه ڪرڻي پئي دادو جو سڀ کان اهم بجلي فراهم ڪندڙ گرڊ اسٽيشن کي محنت ۽ ڪاوش سان گهڻو محفوط بڻايو ويو آهي پاڪستان آرمي ۽ انجيئرز ڪور سمورن پلانٽ ايڪوئپمينٽ ان ڪم تي لڳايو ويو علائقي جي ماڻهن پاڪ آرمي جا ٿورا مڃيا ان موقعي تي پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا به هنيا ويا.










