نئين روايت قائم، وزيراعظم ملندڙ تحفا خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا

نئين روايت قائم، وزيراعظم ملندڙ تحفا خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا

اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي تاريخ جو منفرد مثال بڻجي ويو. شهباز شريف وزيراعظم هائوس ۾ نئين روايت قائم ڪري ڇڏي. وزيراعظم کي ملندڙ پرڏيهي تحفا هاڻ وزيراعظم هائوس ۾ مستقل طور تي رکيا ويندا.پرڏيهي ملڪن کان ملندڙ تحفا هاڻ عوام به ڏسي سگهندي. شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته تحفا عوام کي ڏيکارڻ جو بندوبست ڪيو ويندو ته جيئن دوست ملڪن جي پاڪستان سان محبت کان عوام آگاهه هجي. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي وزيراعظم هائوس ۾ جڳهه به مقرر ڪئي وئي آهي.رپورٽ موجب وزيراعظم هائوس ۾ مقرر ڪيل جڳهه تي اهي تحفا رکيا ويندا جنهن کي عوام ڏسي سگهندي. پرڏيهي ملڪن کان ملندڙ تحفا وزيراعظم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.توشه خانا ۾ جمع ڪرايل تحفن جي ملڪيت 27 ڪروڙ روپيه آهي. وزيراعظم کي اهي قيمتي تحفا عرب ملڪن جي دوري دوران مليا هئا، تحفن ۾ هيرن سان ٺهيل 2 قيمتي گهڙيون به شامل آهن. هڪ گهڙي جي ماليت 10 ڪروڙ ۽ ٻئي جي قيمت 17 ڪروڙ روپيه ٻڌائي وئي آهي.عرب رياستن طرفان وزيراعظم شهباز شريف کي عمران خان کان وڌيڪ مهانگيون گهڙيون ڏنيون ويون آهن. وزيراعظم قيمتي قلم، منڊي، ڪلف لنڪ(بٽڻ) ۽ پرفيوم جا سمورا تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير کان وٺي 10 سالن دوران ملندڙ سمورا پرڏيهي تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرائي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو