حمزه بن لادن مارجي چڪو آهي، آمريڪي ميديا جي دعويٰ

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي اخبار نيويارڪ ٽائمز دعويٰ ڪئي آهي ته القاعده جي اڳوڻي سربراهه اسامه بن لادن جو پٽ 30 سالن جو حمزه بن لادن مارجي ويو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب ٽن آمريڪي عهديدارن حمزه بن لادن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اسامه بن لادن جو پٽ حمزه بن لادن مارجي چڪوآهي؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته آئون ان معاملي تي تبصرو نٿو ڪرڻ چاهيان. 2011 ۾ جڏهن ايبٽ آباد ۾ اسامه بن لادن کي آمريڪي فوج ماريو هو ان وقت حمزه لادن ايران ۾ قيد هو. جنهن بعد هن سعودي عرب جي قبائلين کي يمني القاعده گروپ سان گڏجي سعودي تي حملن جو حڪم ڏنو هو. سعودي حڪومت سندس شهريت 2018 ۾ رد ڪئي هئي. ان کان اڳ هن جڏهن والد جو بدلو وٺڻ لاءِ آمريڪا تي حملن جو حڪم ڏنو هو ته آمريڪا سندس سر جي 10 لک ڊالر قيمت مقرر ڪئي هئي. اهو واضح ناهي ته حمزه بن لادن ڪڏهن ۽ ڪٿي مارجي ويو آهي پر آميڪي انٽيلي جنس ذريعن موجب هو ڪجهه وقت مارجي ويو هو

پهنجو تبصرو موڪليو