ٺٽو ( ن سنڌيار)مڪلي شھر سان تعلق رکندڙ هڪ انساندوست شخصيت نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ننگر ڊجيٽل پريس ڪلب ٺٽو جي تعاون سان ٺٽي جي ٻوڏ ۽ برسات متاثرين لاء هر ٻئي ڏينهن هڪ وقت جي ماني پاڪ فوج پاران ضلعي جي مختلف علائق ۾ قائم ڪيل امدادي ڪيمپن ۾ ويٺل متاثرن تائين پهچائي وڃي ٿي انهي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ٺٽي لڳ سجاول دريا جي ڪپ ۽ ٺٽي ضلعي جي حدن سان لڳندڙ بند تي پاڪ فوج پاران قائم ڪيل ڪيمپ تي هڪ وقت جي ماني پاڪ فوج جي آفيسرز ۽ جوانن جي نگراني ۾ ورهائي وئي جڏهن تي بند تي پاڪ فوج پاران برسات ۽ ٻوڏ سبب بيمار ٿيندڙ مريضن لاء هڪ ميڊيڪل ڪيمپ پڻ قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ بيڊز تي ٻڌل هڪ وارڊ پڻ قائم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پاڪ فوج جي ميڊيڪل ڪور سميت صحت کاتي جا ڊاڪٽرز پڻ مريضن جو علاج ڪري رهيا آھن جڏهن ته دوائون پڻ مفت ۾ ڏنيون پيون وڃن جڏهن ته ننگر ڊجيٽل پريس ڪلب پاران ريليف جي ڪمن لاء پڻ هڪ ٽيم جوڙي وئي آھي جنهن ۾ جاويد ميمڻ ۔ سيد حفي شاه ۔ مظفر خاصخيلي عزير ڀٽو ۔ انور ڀٽو ۽ حق نواز شيخ شامل آھن










