اسلام آباد ( بيورو) تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته عمران خان هر سال 18 لک روزگار جا موقعا فراهم ڪيا.اسلام آباد ۾ سيمينار سان خطاب ڪندي شوڪت ترين چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ هر شعبي ۾ ترقي جي شرح ۾ واڌ ٿي، اسان جي دور ۾ رڪارڊ برآمدون ٿيون.هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ ساليانو 18 لک روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويا، اسان جي دور ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي ٿي.شوڪت ترين چيو ته ملڪ کي ڏيوالي ڏانهن ڪير وٺي ويو؟ هن وقت ملڪي برآمدون 23 سيڪڙو ڪِري چڪيون آهن، ماڻهو بيروزگار ۽ فيڪٽريون بند ٿيڻ شروع ٿيون آهن.اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته 4 مهينن ۾ قرضن ۾ 9 ٽريلين کان وڌيڪ واڌ ٿي چڪي آهي، هي چونڊن جو سال آهي، اهي ٻين تي الزام هڻندا، حالتن مان لڳي رهيو آهي ته ڊسمبر ۾ وري بجيٽ ايندي يا وري اهي حڪومت ڇڏي ڀڄي ويندا.










