شهباز ۽ نواز خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ

شهباز ۽ نواز خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف توهين عدالت جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.چيف جسٽس اطهر من الله توهين عدالت جي درخواست تي رجسٽرار آفيس جي اعتراضن سان ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار ظفر علي شاهه ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن موقف اختيار ڪيو ته نوازشريف لاهور هاءِ ڪورٽ جي اجازت سان علاج لاءِ پرڏيهه ويو هو، موجوده وزيراعظم ميان شهباز شريف کيس پرڏيهه موڪلڻ جو حلف نامو جمع ڪرايو هو، نوازشريف لاهور هاءِ ڪورٽ مان اشتهار ڏئي رهيو آهي. درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس ڀاءُ نواز شريف خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي ۽ نواز شريف جي واپسي جو حڪم جاري ڪيو وڃي.درخواست ۾ وزيراعظم شهباز شريف، نواز شريف، گهرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته وفاقي ڪابينا نالو اي سي ايل مان ڪڍيو، ڪنهن عدالت جو ناهي، اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ وفاقي ڪابينا عدالت کان اجازت ناهي ورتي.ظفر علي شاهه ايڊووڪيٽ چيو ته حڪومت اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ سڪيورٽي جمع ڪرائڻ جو چيو هو. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته حڪومت عدالت نه وئي جتي اپيلون التوا ۾ آهن. ظفر علي شاهه ايڊووڪيٽ چيو ته حڪومت هڪ ڀيرو اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ رقم جمع ڪرائڻ جي شرط رکي هئي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ داخل ڪئي وئي هئي، جنهن تي حڪم آهي، عدالت نوازشريف ۽ شهباز شريف خلاف ڪارروائي ڪندي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو حڪم عبوري حڪم آهي يا حتمي فيصلو؟ عبوري حڪم جاري ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ درخواست اڃا التوا ۾ آهي، ڇا حڪومت ان حڪم کي چئلينج ڪيو آهي؟ عبوري حڪم کي چئلينج نه ڪرڻ تي حڪومت آرڊر قبول ڪري ورتو، جنهن ۾ عبوري حڪم آيو هو، اها درخواست اڃا لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.ظفر علي شاهه ايڊووڪيٽ چيو ته مان چاهيان ٿو ته ڌرين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.چيف جسٽس چيو ته اوهان سينيئر وڪيل آهيو ۽ اوهان لاءِ عزت آهي پر ڪنهن به هاءِ ڪورٽ جي معاملي ۾ مداخلت نه ڪنداسين، اسان اها درخواست مثالي سزا سان خارج ڪري ڇڏينداسين، پر اوهان سينيئر وڪيل آهيو، ان طرف نه وڃو. سيد ظفر علي شاهه ايڊووڪيٽ چيو ته جيڪڏهن عدالت درخواست رد ڪندي ته واپس وٺندس، جيڪڏهن درخواست رد ٿيڻي آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ويندس.چيف جسٽس چيو ته عدالت ان تي ڪجهه نٿو چئي سگهي، ان درخواست تي حڪم جاري ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف ۽ نواز شريف خلاف توهين عدالت جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو