اسلام آباد(بيورو)مسلم ليگ ن جِي نائب صدر مريم نواز سپريم ڪورٽ جي گذريل ڏينهن واري فيصلي جي حوالي سان چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس عمر عطابنديال کان سوشل ميڊيا تي سوال پڇيو آهي گذريل ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ جي حوالي سان پرويز الاهي جي درخواست تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ دوست محمد مزاري جي رولنگ کي ڪالعدم قرار ڏيندي پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير ڊڪليئر ڪيو هو سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ اُن جا اتحادي ساراهي رهيا آهن ته اُتي وري وفاقي حڪومت ۽ اُن جي اتحادين طرفان فيصلي تي سخت تنقيد به ڪئي پئي وڃي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مريم نواز ڪالهه به تنقيد ڪئي هئي، جنهن کي جڊيشل ڪو، قرار ڏنو هو، هاڻي ن ليگ جي نائب صدر چيف جسٽس کان سوال ڪيو آهي مريم نواز طرفان سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته غلطي ڪئي ته لاڏلي جي حق ۾، غلطي جي تصحيح ڪئي ته به لاڏلي جي حق ۾؟، ڪيئن جسٽيفاءِ ڪندو، اِن کلي ۽ ننگي ناانصافي کي؟ ن ليگ اڳواڻ چيو ته ڪالهوڪو فيصلو به عدالتي قتل آهي پر هِن ڀيري مقتول عدل ۽ انصاف آهي!، اِهو ڇا ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس صاحب!










