ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)عالمي مارڪيٽ ۾ گذريل 5 مهينن دوران سون جي في اونس قيمت ۾ 300 ڊالرن جي گهٽتائي ٿي آهي، پر پاڪستان ۾ سون جي قيمت هن وقت پنهنجي بلند ترين سطح تي آهي، ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز جي صدر هارون چند جو چوڻ آهي ته هن مالي سال جي بجيٽ ۾ به 3 سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس، 40 هزار رپيا ماهوار فڪسڊ ٽيڪس ۽ 6 هزار رپيا سيلز لاڳو ڪري ننڍن زيورن جو ڪاروبار لڳ ڀڳ تباهه ٿي ويو آهي. بجلي جي بلن تي ٽيڪس لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.هن چيو ته رڳو ٽيڪسن تي هو ته ڇا ٿيو، ڊالر مهانگو ٿيڻ سبب سون جي امپورٽ ختم ٿي وئي آهي، ماڻهو مهانگو سون خريد ڪرڻ جي قابل نه رهيا آهن.آل پاڪستان جيولرز ايسوسيئيشن جي صدر وڌيڪ چيو ته حڪومت ڳالهين ڪري ڊگهي مدي واري پاليسي ڏئي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو يا ننڍن زيورن، ڪاريگرن ۽ سون جو ڪاروبار ختم ٿي ويندو.










