ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي يونيورسٽي آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي آهي. پوليس ذريعن موجب دهشتگردي ۾ ملوث اهم سهولتڪار زيب جو خاڪو سي ٽي ڊي سي سي ٽي وي ۽ اکين ڏٺن شاهدن جي مدد سان تيار ڪيو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي يونيورسٽي آپگهاتي حملي ۾ استعمال ٿيل بارود سان ڀريل بيگ دهشتگرد زيب تيار ڪيو هو ۽ دهشتگرد ڪراچي جي دهلي ڪالوني واري علائقي ۾ جوابدار هيبتن جي ڪٽنب سان گڏ رهندو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد زيب بي ايل اي مجيد برگيڊ جي دهشتگردن کي تربيت ڏيندو هو. سي ٽي ڊي رڪارڊ موجب مطلوب دهشتگرد زيب بروهي بلوچ آهي، سندس عمر 26 سال آهي ۽ سندس قد 5 فٽ 7 انچ آهي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگرد داد بخش عرف شعيب به ساڳئي جوابدار زيب کان ٽريننگ حاصل ڪئي، داد بخش کي 2020 ۾ افغانستان ۾ دهشتگردي جي تربيت ڏني وئي هئي. 26 اپريل تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ آپگهاتي حملي ۾ ٽن چيني استادن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا هئا.










