سيد زوار حسين شاه
پاڪستان م هن وقت صورت حال انتهائي خراب ٿيندي پئي وڃي ، هن وقت پنجاب ۾ ضمني اليڪشن به ٿي چڪي آهي ، پر پو به آصف علي زرداري شهباز شريف مولانا فضل الرحمان به هن وقت ڪپتان کي تسليم ڪرڻ لاء تيار ئي ناهين ، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف پي ڊي ايم جي 11 جمعاتن کي عبرت ناڪ تاريخي شڪست ڏني آهي پر پوء به هو مڃڻ لاء تيار ناهين ، جڏهن ته هن وقت ڪپتان خالاف پاڪستان اندر سازس ٿي رهي آهي جيڪا هن ملڪ جي لاء بهتر ناهي ، جڏهن ته پي ڊي ايم جا اڳواڻ به هن وقت انا ۾ ڦاسي پيا آهن ، جيڪو به هن وقت ملڪ جي لاء غلط آهي ، حالات اسان جي اڳيان آهن ، معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي ، عوام بک پيو مري ، ڊالر جي اڙان اسان يج اڳيان آهي ، 224 تي پهتو آهي جنهن سان به اربين روپين جو نقصان ٿيو آهي ، برحال جنهن طرح سان ڪپتان محنت ڪري پيو ۽ عوام ڪپتان سان ساٿ ڏيئي پيو اهو ڪنهن کان لڪيل ناهي ، پر جيڪڏهن هاڻ به ڪپتان خالاف سازش ٿي ته مونکي پڪ آهي ته نتيجه انتهائي خراب نڪرندا ، عوام هن وقت ڪپتان سان گڏ آهي ، جنهن جو هن تتاريخي مثال به قائم ڪيو آهي ، پنجاب اليڪشن هڪ تاريخ آهي جتي حڪومت به ن ليگ جي هجي ، وفاق ۾ به هو هجن انتظاميه به انهن جي هجي ، اداره به پي ڊي ايم جي ن ليگ جي سپورٽ ڪن ، مان سمجهان ٿو ته پي ڊي ايم اڳواڻن کي سمجهڻ گهرجي ، جيڪڏهن ماضي ڏانهن هڪ نظر وجهنداسين ته سنينيٽ کان بعد عدم اعتماد ، ان کان بعد پنجاب ۾ ضمني اليڪشن ۾ جهڙي ريت سياستدانن پاڻ کي بدنام ڪيو اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي ماضي تي به هڪ مفصل نظر وجهنداسين ، پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه هنن اکين ڏٺو جيڪڏهن اهو لکنداسين ته گهڻا راز افشان ٿيندا ، پر جهڙي ريت ووٽر کان ووٽ حاصل رڪي سياستدانن عوام يج تذليل ڪئي آهي اهو به اسان کان لڪيل ناهي ، اهو به اسان جي اڳيان آهي پاڪستان ۾ اڪثر سياستدان بار بار عوام سان ڪوڙ ڳاهائين ٿا عوام يج حقن جي لتاڙ ڪن ٿا ڪيل واعده وفا نه ٿا ڪن جڏهن ته سياستدابن ڪامياب ٿي پاڪستان جي ترقي تعمير سان گڏ عوام جي بنيادي حقن جي تحفط جو قسم به کڻن ٿا ، پر ان تي اڪثر سياستدانن عمل نه ٿا ڪن اها به حقيقت آهي ، ن ليگ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي لاءِ سينيٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو. ن ليگ سينيٽر ڊاڪٽر افنان الله خان سينيٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صدر عارف علوي، عمران خان، فواد چوڌري ۽ قاسم سوري خلاف آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي ڪئي وڃي. ٺهراءَ ۾ صدر عارف علوي خلاف مواخذي جي ڪارروائي جي شروعات جو به مطالبو ڪيو ويو آهي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ صدر عارف علوي کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، ڪابينا مان ڪيس داخل ڪرڻ جي اجازت ملي ته عمران خان کي گرفتار ڪنداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ وفاقي حڪومت وٽ هاڻ ڪا گنجائش ناهي ته ان معاملي تي ريفرنس ٺاهي نه موڪلي، اڄ ڪابينا ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، صدر عارف علوي ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف ريفرنس ٺاهڻ جو معاملو غور هيٺ ايندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي اڄ آئين جي حڪمراني ۽ عوام جي حڪمراني کي تسليم ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ آئين جي واضح ڀڃڪڙي جا لفظ استعمال ڪيا، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ صدر عارف علوي استعيفيٰ ڏئي، فيصلي کانپوءِ عمران نيازي جي سياست جو جنازو نڪري ويو آهي، فيصلي سان ثابت ٿي ويو ته عمران خان ذاتي مقصدن لاءِ ڪنهن به ڪريل سطح تي وڃي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته عمران نيازي ذاتي مفاد لاءِ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ آئين سان فراڊ ڪيو، فيصلي موجب صدر، وزيراعظم، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر آئين سان فراڊ ڪيو، آرٽيڪل 6 بابت ڪم ڪيو پيو وڃي، وفاقي حڪومت ئي آرٽيڪل 5 ۽ 6 تحت ريفرنس داخل ڪري سگهي ٿي، ريفرنس تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، هڪ ٻيو رستو به اختيار ڪري سگهجي ٿو. راڻا ثناءُ الله چيو ته اهي اڃا تائين قومي اسيمبلي مان پگهارون وصول ڪري رهيا آهن، اڃا تائين سرڪاري گاڏيون استعمال ڪري رهيا آهن، اسپيڪر انهن خلاف ريفرنس اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ڪري، کين ڊي سيٽ ۽ نااهل ڪيو وڃي، ڪابينا کي درخواست ڪئي آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏئي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته تحريڪ انصاف ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪري ۽ کين نااهل ڪرڻ جي ڪارروائي ڪري. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته شيخ رشيد کي لانگ مارچ دوران گرفتار ڪرڻو هو، هو نظر ئي نه آيو، جڏهن ته نواز شريف بي ڏوهه آهي، ان کي غلط سزا ڏني وئي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري ججن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي ڪيئي سوال اُٿاريا آهن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي تاريخ شاندار ناهي رهي، سپريم ڪورٽ ڪيئي تاريخي فيصلا ڏنا پر هي فيصلو تڪراري آهي، هن فيصلي کي ڪيتري موٽ ملندي ان جو پتو پوءِ پوندو. هن چيو ته سائيفر چيف جسٽس وٽ به موجود آهي، اُن جي جاچ ٿيڻ گهرجي ها هڪ شهري جي حيثيت ۾ راء آهي ، سائفر تي انويسٽيگيشن ٿي تي ان تي بحث ٿيندو، ڪيئي ماڻهو سائفر جي انويسٽيگيشن نٿا ڪرائڻ نٿا گهرن، عقل وارن کي خبر آهي ته سائيفر جي جاچ ڇو نٿي ڪرائي وڃي، سائفر جي جاچ ٿيڻ گهرجي جنهن تحت چونڊيل وزيرعظم کي هٽايو ويو. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ اسٽيبلشمينٽ جي وات کي رت لڳل آهي ته سياسي فيصلا ڪرڻا آهن، ايئن نٿو ٿي سگهي ته ججز ۽ جرنيل بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪندا رهن، هاڻي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته انقلاب ووٽ ذريعي آڻڻو آهي يا جيئن سريلنڪا ۾ ٿيو، پاڪستان جي سياست جا فيصلا سياستي ميدان ۾ ٿيڻ گهرجن. فواد چوڌري چيو ته جج صاحب اهڙيون ڳالهيون نه ڪن پوءِ وري اسان جواب ڏينداسين ته توهان آسمان سان وڃي لڳندئو، جيڪڏهن ججز آئين ٽوڙن ته ڪهڙي سزا هجڻ گهرجي؟، ججن کي اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، جيڪڏهن ڀُٽي جو ڪيس کليو ته پوءِ ان جو ڇا نتيجو نڪرندو؟ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو چيو ته موجوده حڪومت ٺڳن تي ٻڌل آهي، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي عوام کي چريو سمجهي رهيون آهن، جيڪي ماڻهو اڄ ملڪ جو ڪاروهنوار هلائي رهيا آهن اها عوام جي توهين آهي. هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان ناڪام پرڏيهي وزير ثابت ٿي رهيو آهي. عوام پنجاب اليڪشن ۾ ووٽ ڪپتان کي ڏيئي ن ليگ ۽ پي ڊي ايم واران لاء پيغام ڏنو آهي ته فوري جنرل اليڪشن ڪرائي وڃي ، جيڪڏهن نه ڪرائي ته پوء ملڪ ۾ اڃان به انتشار جنم وٺندو جيڪو ملڪ جي لاء عوام جي لاء بهتر ناهي ،










