سانگهڙ (ن سنڌيار)سانگهڙ شهر جي مختلف علائقن مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي اڪثر سرڪاري آفيسون ۽ اسڪول به پاڻي هيٺ آهن سانگهڙ جو ايليمنٽري ڪاليج به پاڻي هيٺ اچي ويو آهي . سانگهڙ ايليمنٽري ڪاليج ۾ نون ڀرتي ٿيل استادن جي ٽريننگ شروع ٿي ويئي آهي پر برسات جي پاڻي ڪري اچ وڄ جا رستا بند ٿي ويا آهن، اڄ جڏهن نوان ڀرتي ٿيل استاد ايليمنٽري ٽريننگ ڪاليج ۾ پهتا برساتي پاڻي هجڻ ڪري ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ لاء رستو ئي نه هيو جنهن تي ايليمنٽري ڪاليج عملي پاران لکين روپين جون سرڪاري بئنچون رکيون ويون جنن تان استاد چڙهي ڪري 130 نون ڀرتي ٿيل استاد ڪاليج ۾ داخل ٿيا استادن ۽ ايليمنٽري اسٽاف چيو ته برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري شديد ڏکيائين کي منهن ڏيئي رهياآهيون ضلعي انتظاميه ، بلديه کي گهرجي ته فوري طور ڪاليج ۽ اچ وڃ جي رستن تان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي جيئن ٽريننگ لاءِ ايندڙ استاد آرام سان ڪاليج پهچي سگهن . انهي ڪاليج ۾ استادن جو 23 ڏينهن لاء ٽرينگ رکيل آهي










