لاهور (ويب ڊيسڪ)عيد الاضحيٰ جي ٻئي ڏينهن به پنجاب جي اڪثر شهرن ۾ آپريشن ڪلين اپ ۽ جانورن جي نيڪال جو سلسلو جاري آهي.شهرين صفائي جي صورتحال کي گذريل ڪجهه سالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اطمينان بخش قرار ڏنو آهي.پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز چيو آهي ته هو صفائي جي بهترين انتظامن تي انتظاميه کي ساراهي ٿو، هن چيو ته پنجاب به ترقي ڪندو ۽ صاف سٿرو هوندو.










