اٽڪ عدالت پاران عمران رياض کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم

اٽڪ عدالت پاران عمران رياض کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم

اٽڪ (ويب ڊيسڪ)اٽڪ جي مقامي عدالت اينڪر عمران رياض کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيواٽڪ جي جڊيشل مئجسٽريٽ اينڪر عمران رياض جي ڪيس جي رات جي ٻڌڻي تي محفوظ فيصلو ٻڌايو جنهن ۾ عدالت عمران رياض کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو ۽ کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.عدالت عمران رياض کي ڪيس مان بري ڪرڻ جو 8 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو.عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته اينڪر عمران رياض کي ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جي صورت ۾ آزاد ڪيو وڃي.اٽڪ پوليس اينڪر عمران رياض جي گرفتاري لاءِ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي هئي، جڏهن ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران رياض جي گرفتاري لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي سندس وڪيل کي لاهور هاءِ ڪورٽ وڃڻ جي هدايت ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو