اسلام آباد (بيورو)پاڪستان شوگر ملز ايسوسيئيشن کنڊ جي گهٽ ذخيرن بابت واپار واري وزارت جي بيان جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان شوگر ملز ايسوسي ايشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته واپار واري وزارت جا سرپلس کنڊ جي ذخيرن جا انگ اکر حقيقتن جي ابتڙ آهن، ملڪ ۾ هن وقت کنڊ جا 2 ملين ٽن سرپلس ذخيرا موجود آهن. ترجمان موجب سرپلس کنڊ جي برآمد ۾ دير پاڪستان کي 2017ع واري صورتحال ۾ ڌڪي رهي آهي، حڪومت جيڪڏهن آڪٽوبر کانپوءِ کنڊ برآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته اهو کنڊ انڊسٽري لاءِ فائديمند نه هوندو.










