مونس الاهي جي عبوري ضمانت منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور جي بينڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مونس الاهي جي 4 جولاءِ تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. بينڪنگ ڪورٽ لاهور ۾ مونس الاهي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، هو به عدالت ۾ پيش ٿيو.ضمانت واري درخواست ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته ايف آءِ اي مٿس 24 ارب رپين جي مني لانڊرنگ جو الزام لڳايو، ڪيس داخل ٿيڻ کان اڳ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون.مونس الاهي جي وڪيل امجد پرويز موقف اختيار ڪيو ته ساڳئي ڪيس ۾ محمد خان ڀٽي جي عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي آهي، چوڌري مونس الاهي به ساڳئي ڪيس ۾ نامزد آهي.وڪيل امجد پرويز عدالت ۾ چيو ته مونس الاهي جي اها پهرين ضمانت واري درخواست آهي، ڪيس سياسي بنيادن تي ٻڌل آهي.هن چيو ته ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي عبوري ضمانت منظور ڪئي وڃي. ان موقف تي عمل ڪندي بئنڪنگ ڪورٽ مونس الاهي جي 4 جولاءِ تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو