اسلام آباد (بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته عوام کي رليف ملڻ تائين احتجاج ڪندا رهندا. اهڙو اظهار پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت هن وقت پاڻ کي رليف ڏئي رهي آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي حڪومت اين آر او لاءِ آئي آهي.










