وفاقي بجيٽ مان عوام ناخوش!!!!!

وفاقي بجيٽ مان عوام ناخوش!!!!!

ارشاد علي ڪاتيار
10جون وفاقي حڪومت پاران بجيٽ پيش ڪئي وئي ھن مھنگائي جي دور ۾ ھي بجيٽ عوام لاءِ ناڪافي آهي پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڌندڙ قيمتن سبب عوام سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي ملازمن جي پگهارن ۾ پندرهن سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي اھو اضافو تقريبن ٽيھ سيڪڙو تائين ھجڻ گھرجي ھا وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي عام ماڻهن جون متيون منجھائي ڇڏيون آهن جڏھن ته روزگار جا خاطر خواھ موقعا فراهم نه ڪيا ويا آهن جنھن جي ڪري عام ماڻھو جو جيئڻ ۽ ان جي گھر جو چُلھو ٻارڻ تمام مُشڪل بڻجي ويو آهي جنھن لاءِ موجوده حڪومت کي بجيٽ ۾ اھڙو بھترين موقعو عوام کي ڏيڻ گھرجي ھا جنھن سان ٻيو ڪجھ نہ تہ اميد جي روشني نظر اچي ھا پر اھڙو ڪو بہ منصوبو نہ ڏنو ويو جنھن جي لاءِ ھن مھنگائي جي ڳاٽي ٽوڙ دور مان گذرندڙ غريب طبقو جنھن جي نظر حڪومت طرف کتل رھنديون آھن نہ ئي ڪو صنعتي پاليسي جو بھتر اعلان ڪيو ويو جنھن سان انفرادي نہ پر مجموعي طور تي عوام کي ڪو بھتر رليف ملي سگهي ھا حڪومت کي اھڙي عوام دوست بجيٽ يا پاليسيون ڏيڻ کپن جنھن سان عام ماڻهو تبديلي محسوس ڪري تہ موجوده حڪومت ھٽايل حڪومت کان سو دفعا بھتر آھي ۽ فرق واضح نظر اچڻ گھرجي اھڙن منصوبن لاءِ زندگيءَ جي ھر شعبي سان تعلق رکندڙن کي مڪمل طور تي مطمئن ڪرڻ جي ضرورت آھي انھن جون موجوده حڪومت ۾ وڏيون اميدون وابستہ ھُيون تہ عوام لاءِ خاص پيڪيج جو اعلان ڪيو ويندو جيڪو نہ ٿي سگھيو جنھن جي ڪري سندن اندر مايوسي ڇائنجي وئي آهي جو پنھنجي اولاد جي بھتر مستقبل لاءِ ڪجھ بہ ٿي نه سگهيو لاچار ۽ مجبور ٿي ويا اڃا به وقت آهي تہ موجوده حڪومت عوام لاءِ خاص طور تي غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ خاص پيڪيج ڏئي عوام کي مايوسي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري حڪومت اچڻ سان ئي زرعي ڀاڻن ۾ سبسڊي جو اعلان ڪري بعد ۾ واپس وٺي ڇڏيو جيڪا آبادگار طبقي سان سراسر ناانصافي آهي آبادگار طبقي لاءِ زرعي ڀاڻ ٻج زرعي مشنري ۾ رليف جو اعلان ڪري پھرين ڪيل ڪوتاهين جو ازالو ڪيو وڃي ھا ھن بجيٽ ۾ بہ زرعي پاليسي جو ڪو به اطمينان بخش اعلان نہ ڪري غريب ھارين ۽ ننڍن زميندارن کي سخت ڇيھو رسايو آهي موجودہ وفاقي حڪومت جيڪا بجيٽ پيش ڪئي ان کي ائين چئي سگھجي ٿو تہ پيش ڪيل بجيٽ سان امير ماڻهو امير تر بڻجي ويندو ۽ غريب مسڪين ماڻهو پنھنجي موت پاڻ مري ويندو.بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت غريبن لاءِ ڪي اطمينان جوڳا اپاءُ نه ورتا ويا آهن نہ ئي غريب بيواھ عورتن لاءِ ڪنھن پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏھن ته سابقہ حڪومت ۾ ھزارن جي تعداد ۾ مستحق عورتن جا امير ڄاڻائي نالا خارج ڪيا ويا انھن لاءِ موجوده جمھوريت جي دعويدار حڪومت ڪو بھتر قدم آڻڻ لاءِ وڌي ھا ته غريب مسڪين ماڻهو کين دعائون ڏين ھا پر بدقسمتيءَ سان اھڙي ڪا به شيءِ نظر نه آئي جنھن سان سابقہ حڪومت ۽ موجوده حڪومت ۾ ڪو به واضح فرق نظر نه آيو. موجوده وفاقي بجيٽ تي ڳالھائيندي اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ موجوده حڪومت ۾ رليف فراهم ڪيو ويو آهي جنھن صنعت ڪاروبار واپار ۽ زراعت کي فروغ ملندو جڏھن ته اھڙي ڪا بہ شيءِ ھن بجيٽ ۾ نظر نہ آئي آهي جنھن مان واضح ٿئي تہ ھن بجيٽ سان صنعت ڪاروبار واپار ۽ زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کنيا ويا ھجن اھڙي ڪا بہ عوام دوست پاليسي نہ ڏني وئي آهي جنھنڪري ھن بجيٽ مان تاثر اھو ٿو ملي تہ صنعت ڪاروبار واپار ۽ زراعت کي اھڙي طرح فروغ ملندو جنھن سان سرمائيدار جاگيردار طبقو مضبوط ٿيندو پر غريب مسڪين ماڻهو مشڪلاتن ۾ ڦاسي ويندو ھلندڙ وقت جي رفتار سان قدم سان قدم ملائي نہ سگھندو ھر وقت پريشان حال رھندو ۽ وفاقي حڪومت پاران پيش ڪيل بجيٽ مان ناخوش آهي..

پهنجو تبصرو موڪليو