مخالف ساک کي نقصان پھچائڻ چاھين ٿا:نبيل گبول

مخالف ساک کي نقصان پھچائڻ چاھين ٿا:نبيل گبول

ڪراچي : (ن سنڌيار) اڳوڻي وفاقي وزير سردار نبيل احمد گبول چيو آھي ته مخالف ساک کي نقصان پھچائڻ چاھين ٿا ھو پنھنجي مٿان لڳايل الزامن کي رد ڪري ٿو پنھنجي ھڪ جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ سردار نبيل احمد گبول چيو آھي ته مٿن الزام لڳايا پيا وڃن ته ھن ڄامشورو ۽ ڪوھستان ۾ پ پ اڳواڻن سامھون پنھنجي گبول برادري کي بيھاريو آھي پر ان ۾ ڪابه صداقت ناھي ھن چيو ته ھو پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ھئڻ سان گڏ سينئر سياستدان پڻ آھي ھو ان قسم جو سوچي به نه ٿو سگھي سنزس چوڻ ھو ته پارٽي جنھن کي کي به ٽڪيٽ ڏيندي ھو ان جي حمايت ڪندا ۽ ھو پارٽي جي ڪري ھي ھن منزل تي پھتا آھن سردار نبيل احمد گبول چيو ته ھو ڄامشورو ۽ ڪوھستان جي گبول برادري کي اپيل ڪن ٿا ته جنھن کي به پارٽي ٽڪيٽ ڏئي ته ھو ان اميدوار کي پنھنجو ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو