وزير جي هدايت،پاڻي فراهمي ترجيحي بنيادن حل ڪبيون: واٽر بورڊ

وزير جي هدايت،پاڻي فراهمي ترجيحي بنيادن حل ڪبيون: واٽر بورڊ

ڪراچي: (رپورٽر ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير جي هدايتن تحت واٽر بورڊ چونڊيل عوامي نمائندن پاران نشاندهي ڪيل پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيو آهي. وائيس چيئرمين واٽر بورڊ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي وسيم قريشي ۽ زاهد منصوري جي ملاقات. تفصيل موجب چيئرمين سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي وسيم قريشي ۽ زاهد منصوري ملاقات ڪندي پنھنجي حلقي سميت شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي مسئلن بابت آگاهي ڏيندي چيو تہ سمورن مسئلن جي حل لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن، ان موقعي تي وائيس چيئرمين واٽر بورڊ پاران ميمبر صوبائي اسيمبلي کي يقين ڏياريندي سمورين شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ لاڳاپيل چيف انجنيئرن کي ھدايتون جاري ڪندي پابند ڪيو تہ ميمبر صوبائي اسيمبلي پاران پيش ڪيل سمورين شڪايتن سميت شھر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارا سمورا مسئلا فوري طور تي حل ڪري شھرين کي وڌ کان وڌ سھولتون فراھم ڪيون وڃن، ان موقعي تي وائيس چيئرمين واٽر سيد نجمي عالم جو چوڻ هو تہ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ جي هدايتن تحت واٽر بورڊ چونڊيل عوامي نمائندن پاران نشاندهي ڪيل پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيو آهي، ملاقات دوران ڊي ايم ڊي ٽي ايس محمد ايوب شيخ، اسٽاف آفيسر ٽو وائيس چيئرمين نديم ڪرماڻي، چيف انجنيئر بلڪ سڪندر زرداري، چيف انجنيئر سيوريج آفتاب عالم چانڊيو، چيف انجنيئر واٽر بورڊ حنيف بلوچ، انچارج هائڊرنٽ سيل محمد اعظم خان، چيف سڪيورٽي آفيسر رٽائرڊ ڪرنل ضياءَ زيدي، رٽائرڊ ميجر عبدالمجيد اعواڻ، انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل عبدالواحد شيخ، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر مصطفيٰ مڱن پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو