شهري مھنگائي خلاف  روڊن تي نڪري آيا،احتجاج

شهري مھنگائي خلاف روڊن تي نڪري آيا،احتجاج

گمبٽ (ن سنڌيار) گمبٽ ۾ شهري منھگائي خلاف روڊن تي نڪري آيا،شهرين، سياسي سماجي اڳواڻن ،صحافين ۽ شاعرن اديبن ۽ سماجي اڳواڻ لعل بغش سيال صحافي زاھد حسين ڄامڙو محب رتڙ عبيد ناريجو ۽ ٻين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڦول باغ گمبٽ کان ڀٽائي چونڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي شديد نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چئيو آھي ته حڪومت روزانو جي بنياد تي پيٽرول ۽ ڊيزل سميت عام واهپي جي شين ۾ واڌ ڪري عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائي رهي آهي، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب پورهيت طبقي جا ماڻهو سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،حڪومت مهانگائي پيدا ڪري عوام کان ٻن ويلن جي ماني گرهه کائڻ جو حق به کسي ورتو آهي، غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن،اهڙي مهانگائي سبب اسين عام واهپي جون شيون خريد نه ٿا ڪري سگهون ۽ اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، ڪو به تدارڪ ڪرڻ وارو نه آهي،احتجاج ڪندڙن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪندي گھر گھر ڪئي آھي ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي نت ٻئي صورت ۾ احتجاج جو ڌائرو وڌايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو