پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ في لٽر 30 روپيا واڌ جو اعلان

پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ في لٽر 30 روپيا واڌ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 30 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جو هڪ ليٽر 209 رپيا 86 پئسا ٿي ويو آهي مفتاح اسماعيل چيو ته ڊيزل جي قيمت ۾ به 30 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، ڊيزل جي نئين قيمت 204 رپيا 15 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي، لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 178 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، گاسليٽ جي قيمت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. ٽيڪس 181 رپين مان وڌائي 94 پئسا ڪيو ويو آهي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته نوان اگهه فوري طور لاڳو ٿيندا مفتاح اسماعيل چيو ته چين نئون قرض جاري ڪندو پر سود جي شرح ۾ به گهٽتائي ڪئي ويندي، 25 مارچ تي چين 2.3 ارب ڊالر جو قرض واپس ڪيو هو، چين ڪيترائي شرط رکيا هئا ۽ وياج جي شرح وڌائي ڇڏي هئي، پرڏيهي دوري تي معاملا طئي ٿي ويا. بلاول ڀٽو جي چين دوري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري جي موقعي تي ان کي حتمي شڪل ڏني وئي، اهو قرض 1.5 سيڪڙو جي شرح سود تي حاصل ڪيو ويندو هن چيو ته جيڪڏهن اسان خرچن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪريون ته 4 ارب رپين جي بچت ٿيندي، هڪ ارب رپين جي سبسڊي ڏني ويندي هن چيو ته عمران خان غير ذميواراڻي ڳالهه ڪري رهيو آهي، اڳوڻو وزيراعظم ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه نه ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو