صادق آباد ريل حادثي ۾ شڪارپور واسي هڪ فوت ٻيو لاپته

صادق آباد ريل حادثي ۾ شڪارپور واسي هڪ فوت ٻيو لاپته

خانپور(زبيرگل) صادق آباد جي ولهار اسٽيشن تي ٽرين حادثي  ۾ شڪارپور ضلعي جي تعلقي خانپور جو رهواسي 7 سالا نينگر فراز پٽ محمد حنيف بہ فوت ٿي ويو آھي، حادثي بعد  سندس جو ٽن ورھين جو ننڍو ڀاء  احمد رضا پڻ لاپتا ٿيڻ جا اطلاع آھن  ، جڏھن تہ خانپور شھر سان ھي لاڳاپيل ھڪ ئي خاندان جا  نوجوان نديم بلوچ ، نينگر حسنين ، نينگر علي حسن ۽ 3 عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، هوڏانهن ٽرين حادثي  جي خبر ملڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، حادثي م فوتي ء زخمين ء نينگر جي گم ٿيڻ جي تصديق سندن جي ويجھي عزيز ڪاشف بلوچ ڪندي ٻڌايو تہ  فوتي نينگر جا وارث ۽ زخمين جا وارث صادق آباد روانا ٿي ويا آهن وارثن موجب اطلاع آھن تہ زخمين کي صادق آباد ۽ ڀر پاسي جي اسپتالن م طبي امداد ڏني پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو