شهباز شريف پاران معيار ، شڪست شده  بيان

شهباز شريف پاران معيار ، شڪست شده بيان

سيد زوار حسين شاه
پاڪستان هن وقت به انتهائي خطرناڪ صورت حال مان گذري رهيو آهي جڏهن ته ڪپتان بار بار ملڪ اندر مختلف شهرن م تاريخي جلسه ڪري ، پي ڊي ايم مٿان حمله ڪري رهيو آهي هڪ طرف مهنگائي عوام جا بکيا ٽوڙي ڇڏيا آهن هن پوقت بک بدحالي مان گذري رهيو آهي ، ڪرپشن مافيه سدائين پاڪستان ۾ اشرافيه مٿان هاوي رهي آهي جنهن ڪري هو سدائين ملڪ مٿان قابض رهيا آهن ، پر ڪپتان جو بيان ته ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام مٿان حڪومت ڪرڻ جو حق ناهي ، پاڪستان آزاد ملڪ آهي ، جتي فيصلا به آزاد ڪرڻ گهرجن ، جڏهن ته مراسلي کان بعد جهڙي طرح ملڪ سميت عالمي دنيا ۾ بحث مباحو پيو ٿئي ، ۽ جنهن طرح سان پاڪستان ۾ سياسي پارٽين پي ڊي ايم جي روپ ۾ آمريڪي جي سهڪار حڪم سان مير جعفر مير صادق وارو ڪردار ادا ڪيو جنهن کان بعد ڪپتان جي ئي ميمبران کي ڪروڙين روپيا ڏيئي خريد ڪري ڪپتان خلاف ئي استعمال ڪيو ويو ، برحال پاڪستان ۾ هن وقت به معاشي بحران آهي جنهن کان پوء عوام وڏي ازيت مان گذري پيو جنهن جو اندازو گهٽ ۾ گهٽ سياستدانن کي ته هن هوندو ، جڏهن ته پاڪستان جو سابق وزيراعظم ميان محمد نواز شريف جيڪو اڊيالا جو قيدي به آهي ته ان کي سزا به مليل آهي ، هن ملڪ جي وزيراعظم شهباز سڙيف وفاقي وزيرن کي لنڊن گهرائي ورتو جتي به ڪو خاص فيصلو نه ٿي سگهيو ، پريس ڪانفرنس بهنه ڪري سگهيا ، جڏهن ته ڪپتان پاڪستان جي اهم ادارن جي سربرهان مٿان به تنقيد ڪندي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ٻئي پاسي عوامي سمندر بهترين جلسن بعد عوام ته اليڪشن بابت فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي ، ٻئي پاسي ڪپتان جي حملن بعد هاڻ ڪافي فيصلا به ڪپتان جي حق ۾ ٿي رهيا آهن وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف چيو آهي ته سگهاري اداري کان لاڏلي وانگر اسان کي تعاون ملي ها ته ملڪ راڪٽ جيان مٿي وڃي ها . پاڪستان قرض جي سهاري ساهه کڻي رهيو آهي، اڳوڻي حڪومت جيڪي 22 ارب جا قرض ورتا اهي ڪيڏانهن ويا. ڪراچي ۾ چيمبر آف ڪامرس جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ مونکي ڪراچي اچڻو هو ڇو ته پاڪستان نيوي تقريب جو انعقاد ڪيو هو جنهن ۾ ترڪي ۽ پاڪستان جي تعاون سان هڪ جنگي جهاز جو افتتاح ڪرڻو هو، مون پنهنجي ساٿين کي چيو ته ڪراچي ۾ واپاري برادري سان جيڪا موجوده صنعتي، معاشي ۽ مالي صورتحال آهي ان جي باري ۾ راءِ ڄاڻڻ چاهيان ٿو. وزيراعظم چيو ته واپاري ملڪ جا عظيم معمار آهن، هتي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ نه آيو آهيان ۽ نه ئي ان جو فائدو آهي، آئون توهان وٽ معيشت جي اصل مسئلن جا حل ڄاڻڻ آيو آهيان. هن چيو ته وزيراعليٰ مراد علي شاهه، مفتاح اسماعيل ۽ ڪراچي چيمبر جو شڪر گذار آهيان. شهباز شريف جو چوڻ هو ته اڳوڻي حڪومت ساڍن ٽن سالن سنجيدگي سان ڪم نه ڪيو، عمران حڪومت ساڍن ٽن سالن ۾ 22 ارب جا قرض ورتا اهي ڪيڏانهن ويا؟، ساڍن ٽن سالن ۾ 80 سيڪڙو قرضن ۾ اضافو ٿيو، ساڍن ٽن سالن جي دور ۾ عام ماڻهو ٽڪي جو ريليف نه ڏنو پر آخري مهيني ۾ سبسڊي جي ڀرمار ڪري ويا . وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان صرف ڏيڍ ارب ڊالر تي آهيون، هن وقت رپيو هڏڪيون کائي رهيو آهي، مشڪل مٿان اچي وئي آهي ته پوءِ قرباني ڏيڻي پوندي، معاشي ترقي نه هوندي ته پوءِ ماڻهو روڊن تي هوندا غريبن وٽ دوا جا پيسا نه آهن، غريب ڪيئن برداشت ڪندو ته کين دال ماني نه ملي، الله اسان کي نوازيو آهي تنهن ڪري سڀ کان پهريان اسان کي قرباني ڏيڻي پوندي، توهان فيصلو ڪري وٺو ته ملڪ جي تقدير بدلائڻي آهي ته بدلجي ويندي، اسان گهرن ۾ بهترين سامان لڳايو ۽ غريب جو ڪوئي حال نه آهي، مون آسائشي شين تي پابندي لڳائي ڊيوٽي به نه وڌائي . هن جو چوڻ هو ته آگسٽ 2018 ۾ ڊالر 115 رپين جو هيو، عدم اعتماد جي ذريعي جڏهن اسان جي گڏيل حڪومت ٺهي ۽ جڏهن 11 اپريل تي مون حلف ورتو ان وقت ڊالر 189 رپين تي هيو جيڪو 115 رپين کان سفر ڪندو 189 رپين تي پهتو هيو. هن چيو ته اها جيڪا 60 کان 65 رپين جي اڏام هئي ان ۾ اسان جو ڪوئي قصور نه هيو پر منهنجي حلف وٺندي ئي ڊالر 8 رپيا گهٽ ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ مٿي هلي وئي. شهباز شريف چيو ته اڳوڻي حڪومت کي پتو پيو ته عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ٿي ويندي ته عمران کي ڪنهن ماڻهو مشورو ڏنو ته پيٽرول ۽ تيل سستو ڪري ڇڏيو. هن جو چوڻ هو ته دنيا ۾ تاريخ جي بلندترين سطح جون قيمتون آهن ۽ پاڪستان قرضن تي ڀاڙي رهيو آهي،حقيقت اها ئي آهي ۽ پوءِ هو چون ته اهو ڄار وڇايو پيو وڃي ته عدم اعتماد ڪامياب ٿي وڃي ته ايندڙ حڪومت ان ڄار ۾ ڦاسي پوندي ته اها چال هئي . هن چيو ته پهريان ڪڻڪ برآمد ڪري رهيا هئا ۽ پوءِ وري درآمد ڪري رهيا هئا اهو سياسي ڏڦيڙ جو نتيجو هيو، جڏهن ايل اين جي 30 ڊالر تي هئي ته نه خريدي وئي ۽ وري پوءِ 60 ڊالر تي درآمد ڪري رهيا هئا، توهان کنڊ تي سبسڊي ڏيو. هن چيو ته رپيو تيزي سان هيٺ وڃي رهيو آهي، جڏهن لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي هئي ته پوءِ ٻيهر ڇو شروع ٿي، بدترين ساڍن ٽن سالن جي گورننس کانپوءِ وفاداري ۽ غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا، گذريل حڪومت جي قدمن جي ڪري سي پيڪ تي ڪم رڪجي ويو جنهن تي چين ناراض ٿيو آهي، يورپي يونين کي اسان ڪهڙا طعنا ڏنا جو هو اسان کان ناراض ٿي ويا . شهباز شريف چيو ته لاڏلي کي هڪ اداري پوڻا چار سال گهڻي هٿي ڏني، اهڙي هٿي ملڪي جي 75 سالن جي تاريخ ۾ ڪنهن ٻي حڪومت کي ڪڏهن نه ڏني وئي، جهڙي هٿي لاڏلي کي ملي ان جي 30 سيڪڙو اسان کي ملي ها ته ملڪ راڪٽ وانگر مٿي وڃي ها. هن جو چوڻ هو ته هندستان کان اسان ڪيترو پٺتي رهجي ويا آهيون،آءِ ٽي ۾ هندستان 200 ارب ڊالر کي ڇهي رهيو آهي، آءِ ٽي وزير کي چيو آهي ته آءِ ٽي برآمد کي 2 سالن ۾ 15 ارب تائين وڌايو وڃي. هن اهو به چيو ته ڇا اسان جي تقدير ۾ لکيل آهي ته اسان غريب ۽ فقير رهنداسين، نه اسان کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي، پگهر ۽ خون وهائڻو پوندو نه ته جيڪڏهن ائين ئي رهياسين ته خدا نه ڪري پنج سئو سالن کانپوءِ به حالت نه سڌرندي، خيرات جي زندگي تي هلنداسين ته ماڻهو چوندا پينو وڃي رهيا آهن . واپاري برادري، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌ حڪومت گڏجي منصوبو ٺاهن، معاشي ترقي جي لاءِ حڪمت عملي آڻيندا ته ضرور غور ڪنداسين،ملڪ مستحڪم ٿيندو، آئون سمجهان ٿو ته حڪمت عملي ترتيب ڏيون ته ڪجهه سالن ۾ هر گهر ۾ پيئن جو پاڻي هوندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ تيل گيس تي 20 ارب ڊالر خرچ برداشت نه ٿو ڪري سگهي،اسان کي متبادل توانائي سولر انرجي ۽ گرين انرجي طرف وڃڻو پوندو، اڳوڻي حڪومت ساڍن ٽن سالن ۾ سولر انرجي تي وڃڻ جا اپاءَ ڪري ها ته سلام ڪيان ها، اسان کي سولر ۽ ونڊ پاور تي تيزي سان اڳتي وڌڻو پوندو. ان موقعي تي هن پنهنجي ناڻي واري وزير کي برحال شهباز شريف ڪپتان مٿان تنقيد پيو ڪري ، سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳو آهي ان کي فوري واپس وٺي،

پهنجو تبصرو موڪليو