پاڪستان ۽ آئي ايم ايف وچ ۾ ڳالهين کي ڀليڪار چئون ٿا:آمريڪا

پاڪستان ۽ آئي ايم ايف وچ ۾ ڳالهين کي ڀليڪار چئون ٿا:آمريڪا

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ) آمريڪا پاڪستان جي معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آمريڪا خوشحال ۽ مضبوط پاڪستان جي تعمير لاءِ سيڙپڪاري ۽ واپار موقعن کي وڌائڻ وارن طريقن تي ٻه طرفو سهڪار جاري رکندو.ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪا، پاڪستان جي عالمي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف) سان جاري ڳالهين کي ڀليڪار چئي ٿو.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ۽ بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ ون ٽو ون ملاقات جي به تصديق ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته انٽوني بلنڪن ۽ بلاول ڀٽو زرداري وچ ون ٽو ون ملاقات ٿيندي جنهن تي مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو