ڪراچي(اسٽاف رپوٽر)انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر مهانگو ٿي ويو ۽ 195 رپين کان به وڌي ويو.سومر تي انٽر بئنڪ ايڪسچينج مارڪيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ 66 پئسا مهانگو ٿي 194.18 رپيا في ڊالر تي بند ٿيو.اڱاري ڏينهن واپار جي پهرئين اڌ دوران ڊالر وڌيڪ 32 پئسا مهانگو ٿيو ۽ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ پهريون ڀيرو ڊالر 195 رپيا 50 پئسا تي پهچي ويو.










