اسلام آباد(بيورو)صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ آهي ته سڄي پاڪستان جي ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريان ٿو.پهرين مئي مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مزدورن جي ڀلائي ۽ صحتيابي لاءِ دعائون گهريون وڃن.هن چيو ته محنت جي عظمت تي اسان جو عقيدو اڳي کان وڌيڪ مضبوط آهي، خوشحال ۽ مطمئن افرادي قوت ئي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.صدر چيو ته پاڪستان ۾ مزدورن کي هيلٿ انشورنس، کاڌو، پناهه ۽ مالي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي، پاڪستان کي پنهنجي افرادي قوت کي جديد صلاحيتن سان آراسته ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو.هن اهو به چيو ته اسان کي پنهنجي مزدورن لاءِ اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سمورن مزدورن کي حق ڏيارڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ۽ توجه جي ضرورت آهي.










