اسلام آباد: (بيورو) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان پاران اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو احتجاج ڪرڻ بليڪ ميلنگ آهي. وفاقي وزير احسن اقبال صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته عمران خان جي گذريل حڪومت دوران ملڪ جي ترقي، عوام جي فلاح لاءِ هڪ به قدم ناهي کنيو ويو. اصل ۾ عمران خان پوڻا چار سال پاڪستان جي مضبوط ترين وزيراعظم جي طور تي ڪم ڪيو ڇو ته سمورا ادارا ان جي پٺيان بيٺل هوندا هئا. عمران خان ميڊيا جو گلو دٻائي خاموش ڪرايو، اپوزيشن اڳواڻن کي جيلن ۾ وجهرايو ويو. جيڪو ڪم عمران خان ڪيو اهو ڪنهن به ڊڪٽيٽر ناهي ڪيو.هن چيو ته عمران خان گڏيل قومن سان پاڪستان جا لاڳاپا خراب ڪيا. پرڏيهي فنڊنگ جي ذريعي عمران خان کي اقتدار ۾ آندو ويو هن ملڪ جي معيشت جو چئن سالن دوران ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. کيس شرم اچڻ گهرجي جو هو اسان کان چئن ڏينهن ۾ ئي حساب گهري رهيو آهي. احسن اقبال چيو ته عمران نيازي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته سندس ڪرپشن تي سوال نه ڪيا وڃن. عمران خان هٽلر جو شاگرد آهي. هو ادارن تي حملا ڪري پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ چاهي ٿو.اليڪشن ڪميشن تي حملو ڪرڻ بليڪ ميلنگ آهي. جيڪڏهن اوهان ڪرپشن ناهي ڪئي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ رسيدون ڏيکاريو، اميد آهي ته اسان جا ادارا ڪنهن کان به بليڪ ميل نه ٿيندا. توشه خانه ڪيس ۾ به عمران خان منهن لڪائي رهيو آهي.










