وزيراعظم پاران پيٽروليم شين جا اگهه نه وڌائڻ جو فيصلو

وزيراعظم پاران پيٽروليم شين جا اگهه نه وڌائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي حڪومتي ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بابت آءِ اينڊ جي ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي سمري رد ڪري ڇڏي آهي حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويندي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته بار حڪومت پاڻ کڻندي، عوام تي بار نه وڌو ويندو ياد رهي ته اوگرا پيٽرول جي قيمت ۾ 83 رپيا 50 في ليٽر تائين واڌ جي تجويز ڏني هئي، جنهن ۾ مڪمل ليوي ۽ ٽيڪسن جي مد ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 83 رپيا 50 پئسا في ليٽر جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 77 رپيا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي هئي. ليٽر قيمت ۾ 56 پئسا واڌ جي تجويز ڏني وئي ذريعن موجب مڪمل ليوي ۽ ٽيڪس جي بنياد تي لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 77 رپيا 31 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو