شهباز گل ۽ شهزاد اڪبر جا نالا اسٽاپ لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم

شهباز گل ۽ شهزاد اڪبر جا نالا اسٽاپ لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهباز گل ۽ شهزاد اڪبر جا نالا اسٽاپ لسٽ مان ڪڍڻ ۽ ٻنهي شخصيتن کي هراسان نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله اسٽاپ لسٽ ۾ نالا وجهڻ خلاف تحريڪ انصاف اڳواڻن شهباز گل ۽ شهزاد اڪبر جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي ۽ گهرو وزارت جون اختياريون عدالت ۾ پيش ٿيون. ايف آءِ اي اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته 8 اپريل تي اي ڊي ايمگريشن کي هڪ خط مليو هو غير معمولي صورتحال جي حوالي سان هنن جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو. شهزاد اڪبر ۽ شهباز گل خلاف جاچ ٻڌڻي هيٺ آهي. ان تي اختيارين کان مٿانهون ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي جاچ آهي. چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا مارشل لا لڳي ويو هو.ايف آءِ اي ڪڏهن کان ايتري آزاد ٿي وئي آهي جو هو حڪومتي ماڻهن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي. ايف آءِ اي جي ڪنڊڪٽ کي 2 سالن کان آبزرو ڪري رهيا آهيون. اسٽاپ لسٽ ۾ نالا وجهڻ لاءِ ڪهڙو قانون موجود آهي. پنهنجي ڪنڊڪٽ سان پنهنجو پاڻ کي شرمنده نه ڪريو. عدالت وڌيڪ چيو ته ايف آءِ اي سمجهي وٺي ته اهي طريقا پراڻا ٿي چڪا آهن. عدالت هن وقت به چئي رهي آهي ته ايف آءِ اي عام شهرين جي خدمت لاءِ آهي. جنهن کان پوءِ عدالت گهرو وزارت کان رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو