ونواهه ۾ ويٺل ڪنوار اغوا، مائٽن جو احتجاج

ونواهه ۾ ويٺل ڪنوار اغوا، مائٽن جو احتجاج

جوھي (رپورٽ منصور گاڏھي ) ٽنڊو رحيم خان ٿاڻي جي حد زيرو موري لڳ ڳوٺ خان محمد ملاح مان ونواھ ۾ ويٺل ڪنوار مبينا اغوا , پوليس بااثرن کان ڳري رشوت وٺي ڪيس داخل ڪرڻ انڪار ڪري ڇڏيو , مبينا اغوا ٿيل ڪنوار جا ساھريجا انصاف جي فراھمي لاء پريس ڪلب جوھي پھتا , ان موقعي تي مبينا اغوا ٿيل ڪنوار سوني ملاح جي ساھريجن مسمات صاحبزادي ملاح , محمد اسماعيل ملاح سميت ٻين چيو ته چار ڏينھن اڳ اڌ رات جو ڳوٺ جو بااثر نورالدين بوزدار ۽ پنجن کان وڌيڪ ھٿياربند جوابدار اسان جي رشتيدار گڊو ملاح جي گھر ۾ زبردستي داخل ٿي عورتن ۽ مردن مٿان سخت تشدد ڪرڻ بعد ونواھ ۾ ويٺل ڪنوار سوني ملاح کي زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا , ھنن وڌيڪ داھيندي چيو ته اھڙي رپورٽ اسان حد جي ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ وياسين ته ايس ايڇ او شوڪت لنڊ بااثرن جوابدارن جي ونگار وھندي ڪيس داخل ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو , ھنن چيو ته اسان غريب آھيون ڪو به اسان غريبن جي مدد ڪرڻ لاء تيار ناھي , آخر ۾ ھنن آئي جي سنڌ پوليس, ڊي آئي جي حيدرآباد , ايس ايس پي دادو سميت ٻين آعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته اغوا ٿيل ڪنوار کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف فراھم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو