بي ايل اي کي آمريڪا پاران دهشتگرد قرار ڏيڻ،سفارتي ڪاميابي

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا پاران بلوچستان لبريشن آرمي کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ کي پاڪستان جي اهم سفارتي فتح سمجهيو پيو وڃي. ٽوئٽر تي ان باري ۾ ڪافي دلچسپ تبصرا هلي رهيا آهن. پاڪستان ڪافي عرصي کان ڪوشش ڪري پيو ۽ هاڻي عمران خان جي دوري کان اڳ آمريڪا پاران اهڙو فيصلو ڪرڻ مان لڳي ٿو ته هو پاڪستان جي نئي حڪومت سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو. ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته بالاچ خان جي قتل بعد هي تنظيم تقريبا غير فعال آهي ۽ بلوچستان ۾ برهمداغ جي بي آر اي ۽ ٻين نالن سان فعال تنظيمن بابت آمريڪا جي خاموشي معنيٰ خيز آهي. آمريڪا جي ڊپارٽمينٽ آف ٽريزري پاران بي ايل اي کي دهشتگرد تنظيمن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آه.، بي ايل اي جو سربراهه حربيار مري آهي. آمريڪا پاران دهشتگرد تنظيمن جي نئين لسٽ جاري ڪئي وئي آهي. آمريڪا پاران پابندي لڳايل تنظيمن جي فهرست ۾ بي ايل اي، جندالله، جيش العدل، جماعت الاحرار شامل آهن، جن جا اثاثا پڻ منجمد ڪيا ويندا. واضح رهي ته بي ايل اي پاڪستان سميت برطانيا پاران به پابندي پيل تنظيم قرار ڏنل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو