رٽائر پوليس انسپيڪٽر حاضري تان واپسي تي قتل

رٽائر پوليس انسپيڪٽر حاضري تان واپسي تي قتل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پوليس موجب 2013 ۾ ارشد پپو قتل ڪيس ۾ برطرف ٿيل پوليس انسپيڪٽر ۽ سندس مائٽ کي ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ قتل ڪيو ويو آهي. ڊسمبر 2021 کانپوءِ هي ٻيو واقعو آهي جڏهن ارشد پپو ڪيس ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ پوليس آفيسر کي قتل ڪيو ويو. واقعو اڱاري جي رات 11 وڳي ان وقت ٿيو، جڏهن ڪلاڪوٽ جو اڳوڻو ايس ايڇ او چاند خان نيازي ۽ سندس مائٽ عبدالرحمان ارشد پپو قتل ڪيس جي ٻڌڻي اٽينڊ ڪري موٽرسائيڪل تي گهر واپس وڃي رهيا هئا، قتل ڪيس ۾ لياري گينگ وار جو عذير بلوچ به شامل هو، جيڪو بعد ۾ ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو