عدم اعتماد جي تحريڪ، عوام جو درد يا اقتدار جي جاکوڙ

عدم اعتماد جي تحريڪ، عوام جو درد يا اقتدار جي جاکوڙ

ليکڪ ايڊوڪيٽ عبيد لله ڇڄڻ

ملڪ ۾ گذريل ڪافي ڏهاڙن کان سياسي ڇڪتاڻ جاري آهي، سياسي تجزيه نگار ان صورتحال تي مختلف خيال به اظهاري رهيا آهن، چوندا آهن ته ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي، ڪير ان کي انهي ڳالهه سان تشبيح ڏئي رهيا آهن ته ڪير ان کي سازش قرار ڏئي رهيا آهن، ڪنهن کي پنهنجي حڪومتي مدي جي ڳڻتي آهي ته ڪير اقتدار جي ايندڙ واري جو انتظار ڪري رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو وزيراعظم عمران خان جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ قومي اسيمبلي ۾ جمع ٿيڻ بعد هر ڪو نمبر پورا ڪرڻ جي چڪر ۾ گهيريل نظر اچي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان ته اهو به چئي ڇڏيو ته ”آئون ٽئي وڪيٽون يعني آصف علي زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ نوازشريف کي ڪيرائيندس“ پر حالت اها آهي جو هي سياسي مئچ ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي.

ملڪ ۾ هي پهريون موقعو آهي ته هڪڙو کيڏاري، جيڪو عمر جي ستر ڏهاڪي ۾ هلي پيو ۽ پنهنجي هر ڪم تي بضد آهي، ٻئي پاسي سندس سامهون اهي سياسي پليئرز آهن، جيڪي ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ڀيرا اقتدار جا مزا ماڻي چڪا آهن ۽ هاڻي هو ٽيون يا چوٿون ڀيرو اقتدار حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ آهن، مطلب ته ٻنهي پاسي ڪنهن کي به عوام جو ڪو فڪر ناهي. هر ڪو ملڪ جي ناقص سسٽم مان فائدو حاصل ڪرڻ ٿو چاهي، ڪير اڳ ئي بزنس مين آهي ته ڪير ابن ڏاڏن کان مالدار ۽ ڪير شاهوڪار کان شاهوڪار ترين، جن کي خبر نٿي پوي ته آخر ڪهڙي ٻيڙي ۾ سوار ٿجي جو اڳتي اقتدار تبديل ٿيڻ جي صورت ۾ کانئن اهو نه کسجي سگهي ۽ هو سدائين جيان هر ايندڙ حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار هجن. انهن کي عوام جي مسئلن، پاڪستان جي ادارن جي استحڪام ۽ ملڪي معيشت جي ترقي، مضبوطي ۽ خوشحالي سان ڪو غرض ناهي، بس هو سياسي دوڪانداري چمڪائڻ ٿا چاهين! انهن عنصرن يا اسٽيڪ هولڊرز ۾ جاگيردار، وڏيرا، چوڌري، نواب، خان ۽ سردار به شامل آهن، جيڪي طاقتور هجڻ جي زور تي پاڻ ۾ اقتدار لاءِ وڙهي رهيا آهن، باقي انهن جو هيٺيون طبقو ته آهي ئي ڪميشن تي رکيل، جيڪي انهن جي حمايت ۾ مهم هلائين پيا. اهي گروهه بندي ۾ مصروف عمل آهن ۽ مالڪن آڏو پنهنجي وفاداري ثابت ڪرڻ ۾ پورا لڳا پيا آهن، کين نتيجو اهو ملي ٿو ته ورهاست وقت رڳو انهن ۽ انهن سان لاڳاپيل خاص ماڻهن کي ئي نوازيو ويندو آهي، باقي عوام وڃي ڪنهن کڏ ۾…! افسوس ته انهن مفاد پرستن جي اِنهي سوچ ئي هن ملڪ جي ادارن کي نه مضبوط ٿيڻ ڏنو آهي ۽ نه ئي ملڪ ترقي ۽ خوشحالي طرف وڌي سگهيو آهي. جيتوڻيڪ انهن حوارين کي مليل ٽاسڪ تمام ڏکيو آهي، ايتري تائين جو عوام جو رت چوسڻ لاءِ هو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا، رڳو انهن کي اها ڳڻتي آهي ته کين پگهار يا ڪميشن پوري ملي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪ کي ستر سالن کان وٺي هڪ کوکلي اداري جيان هلايو پيو وڃي ۽ عوام ان اميد ۾ آهي ته هاڻ ڪو اهڙو مسيحا ايندو، جيڪو سندن زخمن تي مرهم رکندو پر هر ڀيري ماڻهن کي مايوسي ئي ملي آهي، اڃا به گهڻن کي اميد آهي ته آخر ته ڪو ايندو، جڏهن سڄو نظام تبديل ٿيندو ۽ نوان اسٽيڪ هولڊرز ۽ اهڙا عوامي خدمتگار ايندا، جن جو مقصد صرف ۽ صرف عوام کي رليف پهچائڻ جو هوندو، اهي رڳو ٺلهڻ نعرن ۽ ڪوڙن منشورن جي بنياد تي نه ايندا، بلڪه اهي عوام جا خير خواهه هوندا، ڇوته اهو ٿي نٿو سگهي ته ملڪ جو وهنوار ايئن ئي هلندو رهي، عوام مشڪل کان مشڪل ترين صورتحال ۾ گهيرجندو وڃي ۽ ادارا کوکلا ۽ تباهه و برباد ٿيندا رهن. تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان کوڙ سارا مثال ملن ٿا ته دنيا ۾ ڪٿي به اهڙو نظام پائيدار ۽ سگهارو ثابت نٿو ٿي سگهي، جتي رڳو اقتدار جي ڪرسي لاءِ ويڙهه ٿيندي رهي ۽ عوام ويچارو پنهنجي مسئلن ۾ ئي ڦاٿل هجي، جتي ماڻهن جا حق غصب ٿيندا هجن ۽ ٻئي پاسي طاقتور ۽ شاهوڪار طبقو سرمائيدار ۽ ڪاروباري هجڻ جي زور تي اقتدار جي حاصلات لاءِ سياست ڪندا هجن. بهرحال، هاڻي ڏسجي ته وزيراعظم عمران خان جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ٿئي ٿي يا نه پر اميد سٺي رکڻ گهرجي ته هن ملڪ ۾ بهتري ضرور ايندي ۽ انهن عنصرن جو هڪ ڏينهن ضرور خاتمو ايندو، جن جو مقصد صرف ۽ صرف اقتدار حاصل ڪرڻ آهي. تنهن ڪري هن قوم کي هاڻ سمجهڻ گهرجي ته هو جيڪڏهن پنهنجو ۽ پنهنجي ايندڙ نسل جو مستقبل بهتر ۽ محفوظ بنائڻ چاهين ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ سندن ووٽ جي سزا نئين نسل کي نه ملي بلڪه ماضي مان سبق پرائڻ کانپوءِ کين اهڙو فيصلو ڪرڻ گهرجي، جنهن ذريعي هن ملڪ ۾ ايماندار، باصلاحيت ۽ قوم سان حقيقي معنيٰ ۾ مخلص نمائندا چونڊجي اچن، جيڪي اقتدار کي عيش و عشرت بجاءِ عوام جي خدمت لاءِ استعمال ڪن.

advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو