بهتر ڪارڪردگي وارن شاگردن ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب

بهتر ڪارڪردگي وارن شاگردن ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب

سانگھڙ (رپورٽ نادر بڙدي) گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول چڪ نمبر 3 ۾ سالياني امتحان ۾ بھترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن کي انعام ڏنا ويا. تقريب ڊي او ايجوڪيشن ارشد بيگ خصوصي طور شرڪت ڪئي تقريب ۾ 23 مارچ قرارداد پاڪستان جي سلسلي ۾ تقريرون ڪيون ويون ۽ شاگردياڻين ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا تقريب کي خطاب ڪندي ڊي او ايجوڪيشن ارشد بيگ چيو ته تمام گھڻي خوشي ٿي آهي ته سانگھڙ جي اسڪولن خصوصي طور چڪ نمبر 3 جي گرلز هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ آج ھڪ ھڪ بھترين تقريب رکي وئي آهي جنھن ۾ 23 مارچ جي سلسلي ۾ بھترين تياريون نظر آيو آھن جڏھن ته شاگردياڻين جنھن نموني سان تقريرون ڪيون آهن ان مان واضع آهي ته استادن جي محنت قابل تعريف آهي ھن چيو ته امتحان يا ھن نصابي سرگرمين ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردياڻين کي انعام ڏيڻ سان ٻين شاگردياڻين ۾ پڻ اڳتي وڌڻ جو حوصلو پيدا ٿيندو اھو ھڪ سٺو عمل آهي ان کي جاري رھڻ گھرجي ۽ اسان ڀرپور سھڪار ڪنداسين. ان موقعي تي پرنسپل ندرت ظھرا ۽ ٻين چيو ته اسان جو اسڪول چڪ نمبر 3 جي شاگردياڻين ھميشه نصابي ۽ نصابي سرگرمين ۾ بھترين ڪارڪردگي پيش ڪئي آھي اسان اھڙيون تقريبون انھن شاگردياڻين جي حوصلا افزائي لاءِ ڪوٺائيندا آھيون ته جيئن قد کان وڏو شاگرد اڳتي اچن. ان موقعي بھتر ڪارڪردگي پيش ڪندڙ لائبہ شبير ، اسما يونس،  نصا عمران، ضحا ناصر، عشا نور، عريشہ شير، ماپ نور ، طيبہ فقير حسين، حوريہ ، عائشه فاروق، ايمان فاطمه ۽ ٻين پڻ ڏنا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو