ليکڪ عبدالمجيد بروھي
پاڪستان جو عوام ھن وقت اوھان جي واعدن کي پرکي چڪو آھي قوم کي خبر پئجي چڪي آھي تـ اوھان رياست جي ڳالھ ڪري پاڪستان کي ڪوفي جي رياست ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي انجي ڪري اوھان جي خلاف پوري پاڪستان جي عوام جي پرزور اسرار ۽ عوامي امنگن جي خواھش موجب پ پ پ چيئرمين پاران عوامي مارچ شروع ڪري چڪو آھي ڪراچي ۾ سندس مٿان پوري رستي دوران وڏين عمارتن مٿان چڙھي عورتن مردن ٻارڙن ۽ بزرگن پاران عوامي مارچ جي جيالن مٿان گلن جي ورکا ڪرڻ مان صاف لڳي رھيو آھي تـ ڪراچي وارا ھاڻي امن چاھين ٿا انجي ڪري ھاڻي انھن جي لاء پ پ پ ئي واحد پارٽي آھي جيڪو ڪراچي جي عوام کي خوشحالي امن وارو ڪراچي واپس ڪري ڏيندو عوام جي دل ۾ ھن وقت صرف بلاول ڀٽو سمايل آھي ڪالھ رات يارنھين بجي پ پ پ جو قافلو بدين شھر پھتو جتي لکين ماڻھن پاران گلن جي ورکا ۽ جيئي ڀٽو جي نعرن جي گونج ۾ سندس شاندار استقبال ڪيو عوامي مارچ جي خلاف جيڪو مارچ پي ٽي آء وارن ڪڍيو آھي انھن جي سوالن جا جواب وڏا آسان آھن انھن کي جواب ڏيندو ھلان جنھن ڊبل روڊ سان سندن جو اھو پڪـڪ قافلو جنھن سوين ڪراچي واسي جيڪي علي زيدي پاڻ سان۔ گڏ وٺي آھي انھن کان علاوا ڪجھ سائين صاحب جا مريد آھن جن کي اھو چيو ويو آھي ھر شھر ۾ پھچي ان جو لازمي استقبال ڪن ٻئي صورت ۾ کين خليفي واري عھدي تان ھٽڻو پوندو خير ان ڳالھ کي اتي ڇڏيون ٿا انھن جي سوالن جا جواب بـ ضروري آھن پ پ پ جي پندرنھن سالن جي دور جي جي ڳالھ ڪندڙن کي جواب تـ انھن پندرنھن سالن ۾ پ پ پ سنڌ حڪومت ۾ وڃي سمورن ادارن جي جاچ وٺو ھر اداري ۾ ھزارين نوڪرين جي حساب سان پ پ پ پاران سنڌ جي لکين نوجوانن کي نوڪرين سان لڳايو ويو تازو ھن ئي سال صرف تعليم کاتي ۾ پنجاھ ھزار کان مٿي استاد ڀرتي ڪيا ويا آھن جن کي آفر آرڊر ڏيڻ جو سلسلو جاري آھي ان کان علاوا ھن ئي سال ھڪ کان چار گريڊ تائين پڻ ھزارين نوڪريون ڏيڻ لاء انٽرويو ويو ورتا پيا وڃن انھن پندرنھن سالن مان اھي پنج سال جيڪي صدر زرداري صاحب وارا ھيا انھن ئي پنجن سالن ۾ سنڌ کي سندس حصي موجب اين ايف سي ايوارڊ مان حصو ملڻ سبب پوري سنڌ م پ پ پ جي عوامي حڪومت پاران ڪارپيٽيٽ ۽ سپر ھاء پي طرز جا روڊ ٺاھي سنڌ جي عوام کي ڪجھ سھولتون مھيا ڪيون ويون ان بعد نواز دور چا پنج سال ۽ اوھان جا ھي ساڍا ٽي سال ان دورن ۾ سنڌ جي حصي مان ڪٽوتيون ڪيون ويون سنڌ جي ايم اين ايز کي انھن تريبن نون سالن ۾ ترقياتي ڪمن لاء ھڪ روپيو ناھي ڏنو ويو اوھان چوندئو اھي ڪھڙا روڊ آھن بيڪي پ پ پ پاران ٺاھيا ويا اوھان کي ياد آھي پر وري بـ ياد ڏياريندو ھلان سھوڻ کان لاڙڪاڻو سکر رتوديرو شڪارپور لاء صدر زرداري جي دور حڪومت کان اڳ صرف ھڪ ئي ٽٽل ڀڳل روڊ ھيو جنھن کي شھيد راڻي پنھنجي دور حڪومت ۾ پھرين ترجيح ۾ شامل ڪيو ھيو تـ ھن روڊ کي ڊبل روڊ ۽ سپر ھاء وي ترز جو ٺاھڻو آھي شھيد راڻي ان کي شروع ڪرڻ واري ھئي انجي منظوري ڏيڻ واري ھئي تـ انجي حڪومت کي ختم ڪيو ويو پوء شھيد راڻي جي ان خواب کي مرد مجاھد آصف علي زرداري پورو ڪري ڏيکاريو اھو روڊ سھوڻ وايا دادو ميھڙ نصيرآباد لاڙڪاڻو بنگل ديرو رتوديرو شڪارپور تائين ٺاھيو ويو ان کان علاوا ساڳي روڊ کي لاڙڪاڻو کان نئون ديرو ۽ سکر تائين ٺاھيو ويو جڏنھن تـ شڪارپور کان لکي ۽ سکر تائين پڻ ان ئي زرداري صاحب جي دور حڪومت ۾ سپر ھاء وي طرز جو ڊبل روڊ ٺاھيو ويو ان کان علاوا حيدرآباد کان ميرپورخاص تائين موٽر پي طرز جو روڊ پڻ ٺاھيو ويو نواب شاھ کان سکر تائين پڻ سپر ھاء وي طرز جو روڊ ٺاھيو ويو آھي لاڙڪاڻي کان شھدادڪوٽ تائين وارو روڊ لاڙڪاڻي کان موئن جو دڙو ڏوڪري باڊھ کان نصيرآباد تائين وارا روڊ وڃي ڏسي اچو ان کان علاوا ٻيا بـ ڪيترا ئي روڊ آھن جيڪي پ پ پ پاران سنڌ ۾ ٺھرايا ويا آھن ھن وقت ڄامشورو کان سھوڻ تائين موٽروي جو ڪم پڻ سنڌ حڪومت جي تعاون سان جاري آھي آھن ڪجھ ترقياتي ڪم جيڪي اوھان آڏو رکيا ويا آھن ان کانپوء اچون ٿا صحت جي شعبي طرف سنڌ حڪومت جيڪي ڪم صحت جي شعبي ۾ ڪرايا آھن انھن تي سڀني کي فخر آھي سنڌ جا اھم ادارا جن ۾ جناح ھاسپيٽل ڪراچي ايس آء يو ٽي گمس ھاسپيٽل ۽ اين سي آء وي ڊي جن ۾ پوري پاڪستان مان پاڪستاني پنھنجو مفت ۾ علاج ڪرائڻ لاء سنڌ اچن ٿا گمس اسپتال جيئري جي پيوندڪاري بلڪل مفت ۾ـڪيو ويندو آھي ان کان علاوا پوري پاڪستان سميت دنيا ۾ مڃيل ادارو ايس آء يو ٽي آھي جنھن جو سربراھ ڊاڪٽر اديب رضوي آھي جيڪو پنھنجي محنت سان ھن اداري کي ٽاپ تي پھچائي چڪو آھي ان اداري کي تريبن سٺ سيڪڙو فنڊ سنڌ حڪومت مھيا ڪندي آھي ايس آء يو ٽي ۾ گردا ناڪارا ٿيندڙ مريضن جو ٽرانسپلانٽ پڻ مفت ۾ ڪيو ويندو آھي ان کان علاوا سموريون ٽيسٽون دوائون پڻ مريضن کي مفت ۾ مھيا ڪيون وينديون آھن ان کان علاوا پوري سنڌ ۾ ڦھليل ان اداري جي ھاسپيٽلز ۾ ھر روز ھزارين گردن جي مريضن جو ڊائيلاسز پڻ مفت ۾ ڪيو ويندو آھي پٿري جو آپريشن پڻ ھن اداري ۾ بلڪل مفت آھي ان کانپوء اچون ٿا دل واري شعبي طرف سنڌ حڪومت پاران ھڪ بي مثال ادارو ٺاھيو آھي جنھن جو نالو آھي اين سي آء وي ڊي جنھن ۾ فوري طور تي پھتل دل جي مريضن جو علاج ڪيو ويندو آھي اينجيو گرافي دل جو آپريشن باء پاس پڻ بلڪل فري ۾ ھن اداري ۾ ٿيندو آھي جناح ھاسپيٽل پڻ ڪنھن تعارف جو محتاج نـ آھي پ پ پ جي سنڌ حڪومت پاران پوري سنڌ ۾ انٽر تائين تعيلم مفت ڏني پئي وڃي ان کان علاوا پرائمري جي شاگردن کي مفت ۾ ڪتاب پڻ ڏنا ويندا آھن
پي ٽي آء وارا سنڌ حڪومت تي طبز ڀلي ڪن پر ڇا انھن وٽ ڪو جواب آھي اسان جي سوالن جو تـ سائينجن جي ڪي پي ڪي ۾ گذريل 9 سالن کان حڪومت آھي ڇا انھن نون سالن ۾ پوري ڪي پي ڪي جي ڳالھ اسان نٿا ڪريون ڇا ڪي پي ڪي جي گادي واري ھنڌ پشاور ۾ انھن اين سي آء وي ڊي جھڙو ڪو ھڪ عمارت بـ ٺھرايو آھي انھن سنڌ حڪومت تـ سنڌ جي ھر ضلع ھيڊڪوارٽرز ۾ اين سي آء وي ڊي ھاسپيٽل ٺھرايا آھن ڇا انھن اڄ تائين ڪو تعليمي ادارو يونيورسٽي سطح جو ڪي پي ڪي ۾ ٺھرايو آھي ڪراچي ۾ ٺاھيل ٽراما سينٽر کان ٿورو ننڍو ٽراماسينٽر انھن ٺھرايو بـ آھي ڪي پي ڪي جي ڪيترن نوجوانن کي بيروزگار نوجوانن کان انھن روزگار سان لڳايو بـ آھي يا نـ ھن وقت تـ وفاق ۾ بـ سندن حڪومت آھي پوء ڀلا انھن ڪي نوان روڊ بـ ٺھرايا آھن يا نـ ھي ھاڻي جن روڊن جو افتتاح ڪري پنھنجي نالن جي تختي ھڻي رھيا آھن اھي سڀ روڊ ن ليگ جي دور حڪومت ۾ ٺاھيا ويا ھيا
ھاڻي اچون ٿا۔ سندن جي وفاقي حڪومت طرف جڻ چيو ھيو اسان جي حڪومت اچڻ سان اسان ڪروڙين نوڪريون ڏينداسين لکين بي گھرن کي مفت ۾ گھر ٺاھي ڏينداسين پيٽرول جي قيمتن تي لڳل سڀ ٽيڪس ختم ڪري پئٽرول جي قيمتن کي ڪنھن بـ صورت ۾ پنجاھ کان سٺ روپين کان وڌڻ نـ ڏينداسين عوام کي مھنگائي مان نجات ڏيارينداسين ڪرپشن جو خاتمو ڪنداسين ملڪ ۾ خوشحالي آڻينداسين بجلي جي قيمتن سميت گئس جي قيمتن کي تـ ڪڏنھن بـ نـ وڌائينداسسن ڇو تـ سوئي گئس تـ اسان جي ملڪ جي پيداوار آھي ان جا اگھ نـ وڌندا ڪشڪول کي ٽوڙي آء ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ مان نجات حاصل ڪري انھن جا قرض لاھينداسين ٻاھر پيل ٻـ سئو ارب ڊالر واپس آڻي ھڪ سئو ارب آء ايم ايف جي منھن ۾ ھڻنداسين ۽ ٻيو ھڪ سئو ارب روپيا ملڪ جي عوام تي خرچ ڪنداسين ملڪ جي ھارين ۽ آبادگارن لاء خصوصي پيڪيج آڻي کين يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ جي اگھن ۾ رليف ڏينداسين وغيرا وغيرا اھي سڀ واعدا اوھان جا ڪٿي آھن اڄ اوھان ٻاھرين ملڪن کان ايترو قرض ورتو آھي جو ان کان اڳ وارين سڀني حڪومتن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي اوھان پاڪستان اڳين وارن ڪرپٽ حڪمرانن جيڪي اوھان جي نظر ۾ وڏا ڪرپٽ آھن انھن جي دور حڪومت ۾ پاڪستان ۾ ڪرپشن جو شرع صرف ويھ کان ٻاويھ پرسنٽ ھيو پر اوھان ان پاڪستان ۾ صرف ٽن سالن ۾ 43 پرسنٽ کان بـ مٿي ڪرپٽ ملڪ بڻايو آھي ڇا ھي آھي رياست مدينا جنھن ۾ اوھان جي دور حڪومت ۾ کنڊ اٽي دوائن ۽ پيٽرول جا ميگا ڪرپٽ اسڪينڊلز سامھون اچي چڪا آھن جن ۾ اوھان وزير مشير ملوث آھن پر پوء بـ اھي اوھان وٽ صادق امين آھن اوھان جي خلاف عوامي مارچ ڪڍي بلاول ڀٽي ڇا ۾ غلط ڪيو آھي ھن ملڪ جي عوام کي اوھان اڳ ۾ ئي وڪرو ڪري چڪا آھيو اوھان مان ملڪ جي عوام ۽ ملڪ پاڪستان کي بچائڻ لاء ھي عوامي مارچ لازمي ھيو اوھان پئٽرول جي قيمت کي 200 روپين تائين ڪرڻ چاھيو ٿا اڄ پڻ اھي امڪان آھن اوھان ڏھ روپين جي واڌاري جو ارادو رکو ٿا پيٽرول جي قيمت ۾ بجلي جا اگھ وڌائڻ جو اعلان پڻ اوھان اڄ ڪري چڪا آھيو پاڪستان جو عوام ھن وقت سخت مشڪلاتن جو شڪار آھي صرف غريب عوام نـ پر وچولو طبقو پڻ فاڪا ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آھي اوھان وٽ سنڌ حڪومت خلاف مارچ ڪڍڻ جو ڪوبـ جائز جواز نـ آھي باقي پ پ پ جو ھي جيڪو عوامي مارچ آھي اھو پوري پاڪستان جي عوام جو ترجماني ڪندڙ مارچ آھي ان ۾ اسلام آباد پھچڻ تائين اوھان جا ووٽر ۽ سپورٽر پڻ شامل ٿي ويندا جيڪي پڻ ملڪ جي مفاد لاء گو نيازي گو جا نعرا بلند ڪندا عوام جي جان ھاڻي اوھان ڇڏائڻ لاء ھي مارچ ضروري ھيو ھاڻي اوھان کي وڃڻو پوندو. (ليکڪ جي راءِ سان ادارو متفق ناهي، ڪو به کيس جواب ڏئي سگهي ٿو). Brohimajeed123@gmail.com










