اوٻاوڙو(ن سنڌيار) نيشنل هاءِ وي تي دبئي هوٽل وٽ خطرناڪ روڊ حادثو، حادثي دوران ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ سبب چوڪماڙي واسي نوجوان اياز رند ۽ ذيشان رند سخت زخمي ٿي پيا. ٻنهي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار ريفر ڪيو ويو آهي. پوليس ٽرالر کي قبضي ۾ ورتو آهي. زخمي سنڌيار جي نمائندي غلام علي رند جا ڀاڻيجا آهن.










