ليکڪ اي اي عباسي
ملڪ ۾ پهريون دفعو هيءُ منظر به سامهون ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن ته حڪومتن ۾ ويٺل اقتداري ڌريون به احتجاجي مارچ مهانگائيءَ خلاف ڪرڻ لاءِ ميدان عمل ۾ نڪري نروار ٿيڻ لڳيون آهن، پيپلز پارٽي پاران 27 فيبروري کان ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ، بک، بيروزگاري، بجلي،گيس جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ، تبديليءَ جي نعري ۾ ملڪ جي ڀينگ ڪندڙ نيازي حڪومت خلاف احتجاجي لانگ مارچ سميت ٻين اهم مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ ڪراچيءَ کان اسلام آباد ڏانهن هڪ زبردست هڪ ڌماڪو هڪ آواز بڻجي اقتداري ايوانن ۾ شور شرابو هل هنگامو بڻجي “ گرتي هوئي ديوار ڪو ايڪ ڌڪا اور دو جو وقت” آڻڻ لاءِ نڪري ميدان ملهائڻ لاءِ پوري پيپلز پارٽيءَ کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ پوري سنڌ جا ڪارڪن ورڪر جيالا پنهنجون سموريون انرجون توانايون خرچ ڪندي هر يوسي، تعلقي، ضلعي، ڊويزن ۽ هر صوبي مان وڌ کان وڌ ماڻهو ڪراچيءَ کان اسلام آباد ۾ احتجاجي لانگ مارچ ۾ آڻڻ لاءِ سرگرم عمل بڻجي ويا آهن، پ پ جي ڪارڪنن، ورڪرن جي شرڪت لاءِ مختلف ٽيمون جوڙيون ويون آهن ۽ ايتري قدر جو هر هڪ ڪارڪن جي شرڪت لازمي ڪرڻ لاءِ انهن شريڪ ٿيندڙ جا ڪارڊ ٺاهيا ويا آهن ۽ ذريعن کان ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڪراچي کان اسلام آباد جي ٿيندڙ احتجاجي لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي سڻڀيون نوڪريون جا دلاسا آسرا به ڏنا ويا آهن، اهڙي طرح پ پ پاران ٿيندڙ احتجاجي مارچ ڪا نئين ڳالهه ناهي ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ به شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڊڪٽيٽرشپ خلاف محاذن تي لڙهندي رهي، هيءُ پهريون دفعو موجودهه پ پ جو حڪمرانن خلاف زبردست ويڙهه جو شايد پهريون مرحلو آهي نه ته پ پ پاڻ گذريل 14 سالن کان ٺٺ ۽ ٽانگر ۾ رهندي پئي اچي ۽ اها سوچ کان به وڌيڪ اقتدار ڌڻي ٿي ويٺل رهي آهي، پيپلز پارٽي کي جيڪڏهن تحريڪ انصاف خلاف واقعي سچائي سان ميدان ملهائيندي ته پوءِ پڌري پٽ اچي نيازي حڪومت ڦهڪو ڪري ڪرندي، باقي جيڪڏهن لانگ مارچ ۾ مسلط پسندي يا بارگينگ ڪري سياست ڪئي وئي ادها تهمارا ۽ آدها همارا ته پوءِ انهيءَ کان وڏي ملڪ جي ڪروڙين عوام بدنيتي ٻئي ڪا به نه ٿيندي. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ به هڪ نئين ٽريلر سان گڏ سنڌ جي اندر 26 فيبروري کان گهوٽڪي کان ڪراچي ڏانهن مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو مارچ ڪنهن به ماڻهو کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته پي ٽي آءِ ڪهڙي مقصد لاءِ اهو مارچ ڪري رهيا آهن، تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ وارا پاڻ کي مڙيئي سڙيئي زندهه رکڻ لاءِ سنڌ هروڀرو جون سرگرميون ڪري خوش فهميءَ جو شڪار بڻجڻ چاهين ٿا، سنڌ جو عوام قرب ، سڪتي، شديد پريشانيءَ واري ڪيفيت مان گذري رهيو آهي، سنڌ جا ڪونڌر مڙس مانجهي ناظم جوکيو ۽ ٻيا رت سان وهنجاريا وڃن ٿا قاتل رهزن وحشي واٺا نام نهاد ڀوتار ڪورٽن ۾ به فريادي نياڻين شيرين جوکيو سميت ٻين کي موتمار ڌڙڪا دهمان ڪندا رهن ٿا ، تعليمي ادارن ۾ خود ڪشين جي نالي ۾ موت ڏنو پيو وڃي انهن وائيس چانسلرن وي سيز کي رسمي طرح صرف ڪجهه ڏينهن موڪل ڪرائڻ بجاءِ انهن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ ڪنهن جي ذميواري آهي ؟، هر ماڻهو سمجهي ٿو ته ملڪ ۾ مهانگائيءَ ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيو آهن غريب، مسڪين، مفلس، لاچار، يتيم ۽ بي سهارا ماڻهو رڳو ڏينهن رات اها دعا گهري رهيا آهن ته يا خدا اسان کي بي ايمان، ڪرپٽ، جاهل، لٽيرن حڪمرانن مان نجات ڏيار، ڇاڪاڻ ته هر ڏينهن روزمره جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهائي رهيا آهن جنهن ڪري غريب ماڻهو ٻه ويلا ماني کائڻ کان لاچار بڻجي ويو آهي، آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن کانپوءِ پڇ لٽڪائو ڪرپٽ حڪمران پئٽرول جون قيمتون وڌائي پوري سسٽم کي ناڪارهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن سان وٽ پئٽرول جا اگهه وڌڻ لڳن ٿا ته پوءِ سمجهو هر شيءِ جون قيمتون آٽو ميٽيڪلي پاڻ مرادو وڌڻ شروع ٿيڻ لڳن ٿيون، ڪوچز، بسون، ويگنون، رڪشا، ٽرڪن، ڊاٽسن، سوزوڪين سميت هر گاڏيءَ سان گڏ هر هڪ روزمره جي شين جا ريٽ وڌي وڃن ٿا، موجوده حڪومت پنهنجي ٽي سالا ڪارڪردگيءَ ۾ ٻڌائي ته انهي ڪٿي، ڪهڙي کاتي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪا بهتري آندي آهي ؟ ، موجودهه حڪومت پي ٽي آءِ جي زيرو برابر زيرو ڪارڪردگي آهي، جنهن احتساب جي نالي ۾ پوري ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ادارا تباهيءَ ۽ برباديءَ جا منظر پيش ڪري رهيا آهن. غريب غريب تر ، امير امير تر ٿي رهيا آهن غريبن جو موت بدقسمتيءَ سان غربت جي وڌڻ ڪري خودڪشين جي صورت ۾ ٿي رهيو آهي، تازو سنڌ ۾ خودڪشين جي شرح ڏسو ته روئڻ ٿو اچي پنهنجي حڪمرانن تي جيڪي پاڻ ته کرب پتي ۽ ارب پتي لڳا پيا آهن ۽ انهن جي ٺٺ ٺانگر واري عياشين سان ڀرپور زندگي گذري ٿي پر غريب مفلسدي تنگدستي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، پاڪستان جي هرهڪ صوبي ۾ قدرت جون نعمتون موجود آهن، انهيءَ هوندي به جيڪا حڪومت اقتدار ۾ اچي ٿي اها اچڻ شرط ئي واويلا ۽ هاءِ گهوڙا ڪندي ٿڪجي نٿي، جڏهن انهن حڪمرانن کي حڪومت هٿن ۾ ناهي ته اهي ٻين تي الزام لڳائيندي ٿڪجن نٿا پر جڏهن اقتدار ۾ پهچن ٿا ته پوءِ خزاني خالي ٿيڻ جون هروڀرو جون بيجا شڪايتون ڪندي پنهنجي جان آجي ڪرڻ جي لاءِ حربا استعمال ڪندا رهن ٿا ۽ تقريبن هڪ اڌ حڪمران کان سواءِ سمورن حڪمرانن تي ڪرپشن جا ساڳيا الزام لڳندا رهن ٿا ته انهن پنهنجي بئنڪ بئلنس ڪٺي ڪرڻ لاءِ ملڪ جو ڏيوالپڻو ڪڍي ڇڏيو آهي، مهانگائيءَ جي شرح چوٽ چڙهي وئي آهي، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ سبب غريب ماڻهو ٻه ويلا ماني کان محروم بڻجي ويا آهن، شديد وڌندڙ غربت سبب ڪرائيم جو تيزيءَ سان ريشو اڳتي وڌيو آهي، ماڻهو مهانگائي سبب بي حال بڻجي مٿي کي هٿ ڏيئي سوچڻ تي مجبور آهن ته آخرڪار هنن حڪمرانن جا پيٽ ڪير ڀريندو ۽ وڌندڙ مهانگائي ڪٿي ڪنٽرول به ٿيندي يا ائين ئي ڇڙواڳ جانور جيان ٻين جا لوڙها لتاڙيندي رهندي، مهانگائي سان گڏوگڏ ئي موجودهه حڪمرانن وڏيون هامون ٻٽاڪون هڻڻ باوجود ڪرپشن ڪرپٽ ماڻهن کي سزا ڏيارڻ ۾ ناڪام وئي آهي ڪرپشن ۾ ملوث وڏا وڏا مانگر مڇ پنهنجي ساڳئي جوڀن جوانيءَ ۾ زندگي گذاري رهيا آهن بلڪ انهن کان به وڌيڪ انهن کي ٺٺ ۽ ٺانگر واري زندگي گذري رهي آهي، حالتن جي ستم ظرفي چئجي يا وري پنهنجي ڪرپٽ نظام جي پيداوار جا گول گپا ڪرپٽ سياستدان، ڪامورا، آفيسر شاهي، ڪلارڪ، سرڪاري آفيسن ۾ ويٺل اڪثر بدنيت ماڻهو ڪنهن به عام ڪم ڪار لاءِ ماڻهن کي ڊوڙائي ڊوڙائي بيحال ڪري ڇڏين ٿا، ڪو مجبور غريب ماڻهو سرڪاري دفترن آفيسن جي اندر پنهنجي ڪم ڪار لاءِ ايترو رولايو وڃي ٿو جنهن جو ڪو اندازو ناهي، عام ۽ ننڍي سرڪاري ڪم لاءِ جيڪو هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻن ڏهاڙن جو هجي ٿو اهو سرڪاري ڪم به ڪامورن ۽ ڪلارڪن کي رشوت نه ڏيڻ جي ڪري مهينن جا مهينا بلڪ ڪٿي سال لڳي وڃن ٿا، سماج ۾ انسانيت ناهي رهي جنهن ڪري اڪثر ماڻهن دين ايمان پئسي کي سمجهي ڪرپشن وٺڻ کي پنهنجو قانوني ڄڻ ته حق سمجهي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري ملڪ ۾ ترقياتي ڪم ڪار، روڊ رستا، عوامي سهولتون نه ملڻ انهيءَ جو نتيجو سامهون آهي ۽ بيجا حد کان وڌيڪ مهانگائي به انهن ڪرپٽ ڪامورن آفيسر شاهيءَ جو عمل سامهون آهي، انهي سلسلي ۾ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن 9 درجا وڌي وئي آهي، پاڪستان ملڪ 4 نمبر تي مهانگائيءَ ۾ پهچي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته بدعنوان سماج ۾ جڏهن حڪمران مهانگائي تي عملي طرح ڪنٽرول ڪرڻ بجاءِ رڳو اهو اعلان ڪندا رهن ته مهانگائي ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن ٿيندو پر گذريل اڍائي سالن ۾ ڪرپشن ۾ اصل ملوث ماڻهن جي پٽي ٺپي شاباس ڏيندي پنهنجو آشيرواڌ ڏنو وڃي ته پوءِ مهانگائيءَ تي ڪيئن ضابطو اچي سگهي ٿو، هن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي بدقسمتي اها آهي ته هتي پنهنجي لولي لنگڙي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ ڪرپشن جي پيداوار حڪمران ٻيو ته ٺهيو پر مقدس ايوانن قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ سميت صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن کان ووٽ حاصل ڪرڻ جي بهاني وڏا ريٽ لڳايا ويندا آهن، اها بدعنواني ۽ ڪرپشن ناهي ته ٻيو ڇا آهي، ملڪ ۾ ڪڏهن صاف، شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿيون آهن ؟ ملڪ هن وقت شديد ترين مهانگائيءَ سبب پريشاني جي عالم ۾ مبتلا آهي، مهانگائي سبب امير ترين ڪرپٽ ماڻهن کان سواءِ باقي سڀ هر طبقي جا ماڻهو وچولو مڊل ڪلاس ته سڀ کان متاثر ٿيو آهي، اهڙي مهانگائي پوري ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ٿي آهي اڳ ۾ سال ۾ هڪ دفعو بجيٽ وقت شين جا ريٽ وڌايا ويندا هيا ته ماڻهن روڊن تي نڪري پوندا هيا پر هاڻي ته سال مهيني جي ڳالهه ئي ناهي هر هفتي ۽ هر ڏينهن نوان نوان روزمرهه شين جا اگهه ريٽ عوام کي ذهني پريشاني جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، اهڙين حالتن ۾ عوام ڇا ڪري سگهي ٿو سواءِ هٿ مٿي کڻي انهن ڪرپٽ، لٽيرن حڪمرانن جي نجات حاصل ڪرڻ لاءِ لانگ مارچ ئي آخري سهارو آهي. جنهن لاءِ ماڻهو عوام پنهنجا سڀ ويڇا وڇوٽيون وساري نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان ملهائي ڏيکاري پوءِ ضرور دما دم مست قلندر ٿيندو.










