عمران خان کي هٽائڻ لاءِ اپوزيشن جي ملاقات مٿان ملاقات

عمران خان کي هٽائڻ لاءِ اپوزيشن جي ملاقات مٿان ملاقات

لاهور(ويب  ڊيسڪ) عمران خان کي هٽائڻ لاءِ اپوزيشن بي اعتمادي جي رِٿ تي مشاورت ۽ ملاقاتن جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ پي ڊي ايم سربراهه فضل الرحمان وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي. آصف علي زرداري بلاول سان گڏ شهباز شريف جي ماڊل ٽائون واري  رهائشگاهه پهتو، وفد ۾ اڳوڻو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني، پارلياماني ليڊر سيد حسن مرتضيٰ ۽ ٻيا شامل هئا. شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري ۽ بلال ڀٽو جو استقبال ڪيو، ملاقات ۾ حڪومت مخالف تحريڪ جي حوالي سان مخالف ڌر جي اڳواڻن وچ ۾ اهم مشاورت ڪئي وئي.

https://twitter.com/pmln_org/status/1496427330281091075

ذريعن موجب گڏيل اجلاس کان علاوه آصف زرداري، شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو جي به الڳ الڳ ملاقات ٿي آهي، بلاول هائوس ۾ پ پ ۽ جي يو آءِ قيادت جي ملاقاتن جا الڳ الڳ دور به ٿيا، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن تجويز ڏني ته حتمي فيصلو مرڪزي قيادت ڪندي ۽ نمبر ون کي نشانو بڻايو ويندو باقي پاڻ ڪري پوندا، اتحادين سان ڳالهيون جاري رهنديون ۽ اتحادين کانسواءِ به نمبر گيم مڪمل ٿيندي. ذريعن موجب ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سڌي ريت عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ آندي وڃي، بوزدار يا اسد قيصر کي بعد ۾ ڏٺو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) 10 حڪومتي ميمبر ٽوڙڻ، پي پي پاران 4 ۽ جي يو آءِ (ف) پاران ٻن ميمبرن جي حمايت جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. اڄ رات بلاول هائوس تي وري ميلو مچندو مسلم ليگ (ق) جو وفد ڊنر تي زرداري سان ملندو، مولانا فضل الرحمان به ڪيو ليگ قيادت سان ملاقات ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو