مظفر ڳڙهه(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مظفر ڳڙهه جي ضمني اليڪشن ۾ وڌيڪ ووٽ حاصل ڪرڻ تي پارٽي ڪارڪنن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جو اڄ به مطالبو آهي ته پارلياماني ڪميشن لاڳو ڪري صوبو ٺاهيو وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جو بنياد رکيو، اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر عمران خان جي وڃڻ تي سڀ متفق آهيون. بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر جي والد جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ سندس گهر پهتو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجو به اهو ئي خيال هو، اڄ اسان جو مطالبو آهي ته خان صاحب کي جمهوري طريقي سان هٽايو وڃي، پي ڊي ايم جو بنياد رکڻ وقت به منهنجو اهو ئي خيال هو. بلاول ڀٽو زرداري هيلي ڪاپٽر ذريعي سناوان جي علائقي کر غربي پهتو. بلاول ڀٽو زرداري حنا رباني کر ۽ سندس ڀاءُ رضا رباني کھر سان سندن والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. حنا رباني کر جو والد غلام محمد نور رباني کھر ڪجهه ڏينهن اڳ لاڏاڻو ڪري ويو هو.










