ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايجوڪيشن الائنس ۽ سنڌ حڪومت پاران اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن وارو سنڌ سائنس فيسٽيول منعقد ڪيو ويو جنهن جو افتتاح صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه ٿر ايجوڪيشن الائنس جي سي اي او پرتاب شيواڻي ۽ منظور سومرو پاران ڪيو ويو. سيد سردار شاهه مختلف ضلعن کان فيسٽول ۾ مختلف ضلعن پاران پيش ڪيل سائنسي ماڊلن جو جائزو ورتو. تقريب ۾ ٿرپارڪر جي شاگردياڻي جئه مالا جي نالي هڪ شاگرد جي نالي اسڪالرشپ ۽ ھڪ اسڪالرشپ ملال جي نالي سان اين آء سي اي طرفان ٿر ايجوڪيشن الائنس جي سي اي او پرتاب شيواڻي حوالي ڪئي وئي. انهي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سيد سردار علي شاهه چيو ته سائنسي ڄاڻ کان بغير ترقي ناممڪن آھي سائنس جي تعليم ذريعي ئي اسان اڳتي وڌي سگهون ٿا اسان کي سائنسي تعليم ۾ اڳتي وڌڻو پوندو هتي افسوسناڪ ڳالهه آھي ته اسان وٽ ڏھه فيصد سائنس ٽيچر موجود آھن هاڻي جيڪي نيون ڀرتيون ٿين پيون انهن ۾ انهي کي فوڪس ڪيو ويو آھي. هن چيو ته سائنسي ايجاد جي شروعات به انڊس ويلي کان ٿي آھي سڀ کان پهرين مواصلات جو ذريعو ڦيٿو هتي ايجاد ٿيو اسان جي ڪوشش آھي ته هر ڊويزن ۾ سائنس ميوزم هجي ۽ کاتو سائنسي سرگرميون لازمي ڪرائي ته جيئن شاگرد سائنسي ميدان ۾ اڳتي وڌي سگهن سائنس فيسٽول سنڌ جي شاگردن جي ٽئلنٽ کي ظاهر ڪري ٿو اهڙيون سرگرميون هر ضلع کانپوء سالانا ڪراچي ۾ ڪبيون ٿرپارڪر مان آيل ٽيم پاران اهڙو فيئر منعقد ڪرائڻ سنڌ ۾ سائنسي تبديلي جي شروعات آھي. ٿرپارڪر ايجوڪيشن الائنس جي سي اي او پرتاب شيواڻي چيو ته دنيا سائنسي ترقي ذريعي اڳتي وڌي رهي آھي پر اسان وٽ اڃان ڪيترائي ٻار اسڪولن کان ٻاهر آھن اسان جو مقصد ڪوالٽي ايجوڪيشن کي پروموٽ ڪرڻ آھي سائنسي سرگرمين کي وڌائڻ جي لاءِ تعليم.کاتي کي بجيٽ مختص ڪرڻ گهرجي. سائن فيسٽيول ۾ مختلف سيشن پڻ منعقد ڪيا ويا. ملالا فنڊ جي پروگرام مئنيجر مليحه خان چيو ته ملالا فنڊ گرلس ايجوڪيشن تي ڪم ڪري ٿو اسان چاهيون ٿا ته ڪوالٽي ايجوڪيشن تي ڪم ٿيڻ کپي اسان وفاقي حڪومت سان معاهدو ڪيو آھي ۽ اسين سنڌ حڪومت سان به ڪنداسين ته جيئن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اڳتي اچو ۽ اسٽيم ايجوڪيشن خاص ڪري نياڻين جي تعليم کي بهتر بنايون. مختلف سيشنن ۾ چيهو اوهائي مڪيش نند هما بخاري روشان بخاري اقبال شيخ جنيد جمشيد اليبا شاهد پريم ساگر عديل درويش يعقوب پيچي ۽ ٻين پڻ مختلف سيشنن ۾ پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته سائنس ٽيڪنالاجي جي ذريعي قوم جي ترقي ممڪن آھي هن وقت دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جو مقابلو آھي نوجوانن کي پنهنجي اسڪلز کي وڌائڻ گهرجي ۽ پنهنجي اسڪلز کي.معاشري جي بهتري لاء ڪتب آڻڻ گهرجي سائنس فيسٽول ۾ ملالا فنڊ،جائيڪا،ايجوڪيشن فائونڊيشن،يو ايس پي، پاڪستان سائنس ڪلب پاران سهڪار ڪيو ويو.










