ڊبليو ايڇ او ٽيم جوي نوشهري جي اسپتال جو دورو

ڊبليو ايڇ او ٽيم جوي نوشهري جي اسپتال جو دورو

نوشھرو فيروز (رپورٽ اسد علي عمراڻي )ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ٽيم جو سول اسپتال نوشھرو فيروز جو دورو ڪري E.P.I ۽ C.V.C سينٽرن جو تفصيلي جائزو ورتو جنهن جي اڳواڻي آپريشن هيڊ ڊاڪٽر سائره سليمان ڪري رهي هئي جڏهن ته ADHO ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر ڊاڪٽر ساجن داس ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال ڊاڪٽر سعيد احمد جلباڻي ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا ان موقعي تي W.H.O جي نمائنده اڳواڻ ڊاڪٽر سائره سليمان پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته هن وقت ڪورونا جي وائرس کان نجات حاصل ڪرڻ لاء پوري دنيا بالخصوص پاڪستان ۾ ويڪسين وارو عمل جاري آھي جنهن جي نگراني W.H.O ڪري رهي آهي ضلعي نوشھرو فيروز اندر ويڪسين جي رفتار تمام بهترين ھلي رهي آھي خاص طور تي معصوم ٻارڙن جي ويڪسين وارو عمل بهترين رهيو آھي ان تي سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو D.H.O ڊاڪٽر اسد علي ڪلهوڙو ۽ فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ ٽيمن کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا جيڪي ڏينهن رات محنت ڪري هن وائرل بيمارين کان نجات حاصل ڪرڻ لاء پاڻ پتوڙي رهيا آھن۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو