ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) المھراڻ ايريگيشن امپلائيز يونين ريجن گڊو بئيراج جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاء ايريگيشن آفيس ڪنڌڪوٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وڃي ان موقعي تي ملازمن لياقت علي باجڪاڻي.غلام فريد نصيراڻي۔ ربنواز مري۔ خادم حسين محمداڻي. وارث علي سھرياڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ايريڪيشن جي پلاٽن ۽ ڪالوني تي قبضا ڪيا ويا آهن جيڪي فوري قبضا ختم ڪرايا وڃن۔ ھنن چيو ايريگيشن ۾ ٻاھريان ڌاريا ماڻهوَ ڀرتي نه ڪيا وڃن۔ اڳ ۾ جيڪي ملازم ڀرتي ڪيا ويا اھي ٻاھران جا ھيا جن کي ڪابه خبر ناھي ھنن چيف انجنيئير گڊو بيئراج کي مطالبو ڪندي چيو۔ رٽائرڊ ملازمن جي سن ڪوٽا ۾ لوڪل ماڻهوَ ڀرتي ڪري سندن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا۔










